لاهور-25 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جهڙيءَ ريت صنعتي انقلاب دنيا کي بدلائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح مصنوعي ذهانت (اي آءِ) پاڪستان ۾ حڪمراني واري نظام ۽ فيصلا سازي جي طريقيڪار کي نوان رُخ ڏيندي، اي آءِ هاڻ ڪا سائنس فڪشن نه رهي پر پاڪستان لاءِ هي بقا ۽ ترقيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت آهي. اهڙو …
مصنوعي ذهانت (اي آءِ) پاڪستان ۾ حڪمراني واري نظام ۽ فيصلا سازي جي طريقن کي نئون رُخ ڏيندي: احسن اقبال

مزید خبریں
لاهور-25 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جهڙيءَ ريت صنعتي انقلاب دنيا کي بدلائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح مصنوعي ذهانت (اي آءِ) پاڪستان ۾ حڪمراني واري نظام ۽ فيصلا سازي جي طريقيڪار کي نوان رُخ ڏيندي، اي آءِ هاڻ ڪا سائنس فڪشن نه رهي پر پاڪستان لاءِ هي بقا ۽ ترقيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ پبلڪ پاليسي ۽ گورننس ۾ مصنوعي ذهانت جي موضوع تي رٿيل ٽين قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو بندوبست نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي (اين آءِ پي پي)، ايس ايس پي پي جي ڀائيواريءَ سان ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته تعليم، صحت، واپار، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن ميدانن ۾ اي آءِ ذريعي وڏا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا جيڪڏهن سول سروس جي دانش کي اي آءِ جي طاقت سان جوڙيو وڃي ته 2035ع تائين پاڪستان کي خوشحال، جديد ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري معيشت بڻائي سگهجي ٿي، جنهن سان هڪ کرب ڊالرن جي معيشت جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن تجويز ڏني ته اين ايس پي پي ۽ ٻين ادارن ۾ فوري طور آفيسرن لاءِ اي آءِ ٽريننگ سينٽرز قائم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي ڪم جي صلاحيت ۾ واڌ ٿئي، گڏوگڏ هن اسٽارٽ اپس يونيورسٽين ۽ صنعت سان حصيداريءَ ذريعي گورننس لاءِ گڏيل حل تيار ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اي آءِ ۾ اخلاقي رُخ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن الگورٿمز منصفاڻه نه هجن ته نتيجا به جانبدار ٿيندا. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ لازم آهي ته الگورٿمز شفاف ۽ غير جانبدار هجن، ڊيٽا درست، بروقت ۽ اپ ڊيٽ ٿين ته جيئن حقيقي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان هڪ اهڙي نسل آهيون جنهن تختيءَ سان 5 جي تائين جو سفر ڏٺو ۽ ايندڙ سالن ۾ تبديليءَ جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو. هن چيو ته دنيا ۾ هاڻ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز، بائيو ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، روبوٽڪس ۽ مستقبل ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ تاريخ جي سڀ کان وڏي تبديلي آڻيندي. احسن اقبال چيو ته 2017ع ۾ ملڪ ۾ نيشنل سينٽرز آف آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، بگ ڊيٽا، روبوٽڪس، جينومڪس، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ اپلائيڊ ميٿميٽڪس قائم ڪيا ويا جيڪي سڄي ملڪ جي 8 کان 10 انجنيئرنگ يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهن. انهن قدمن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان ۾ انساني وسيلن ۽ علم تي ٻَڌل هڪ مضبوط ماحولياتي نظام موجود آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان پروگرام تحت حڪومت ڪوانٽم ويلي، نيشنل انوويشن فنڊ ۽ اي آءِ تي ٻَڌل ڊجيٽل انفراسٽرڪچر بڻائي رهي آهي، گڏوگڏ پهرين ڊجيٽل اڪنامڪ آدمشماريءَ ذريعي 71 لک ادارن جي ڊيٽا جمع ڪئي وئي آهي، جيڪي شاهدين تي ٻَڌل منصوبا بنديءَ لاءِ مددگار آهن. وفاقي وزير ٻُڌايو چيو ته هر وزارت کي 2027ع تائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ بنيادي شعبي ۾ اي آءِ اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن بعد ۾ ان کي وڏي پيماني تي استعمال ڪري سگهجي. هن چيو ته امن، سياسي استحڪام ۽ سڌارن جي عزم کانسواءِ ڪابه پاليسي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. تقريب ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ هم آهنگي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته اي آءِ جو اصل استعمال ان جي عملي طور لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، خاص ڪري موسمياتي شعبي ۾ جتي ارٿ انٽيليجنس، بائيو ريزيليئنس، ڪلائمينٽ سيف انفراسٽرڪچر ۽ ڪميونٽي اينڊ گورننس جهڙن پليٽ فارمز تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. وفاقي مصدق ملڪ چيو ته جيئن موسمياتي تبديلي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي، اسان کي مضبوط ۽ پائيدار نظام بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ زمين بابت ڄاڻ لاءِ اي آءِ ايجنٽس جو استعمال، موسمياتي نقصانن جي نگراني، جينياتي انجنيئرنگ ذريعي حياتياتي لچڪ، موسمياتي لحاظ کان محفوظ انفراسٽرڪچر، ڪميونٽي ۽ حڪمرانيءَ جي نظام جي جوڙجڪ جهڙن قدمن ذريعي اسان هڪ پائيدار ۽ موسمياتي لحاظ کان مضبوط ملڪ جي تعمير ۾ مدد ڏئي سگهون ٿا. ماهرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيتوڻيڪ مصنوعي ذهانت، ڪارڪردگي، جدت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ نوان موقعا فراهم ڪري ٿي پر ان سان گڏوگڏ شفافيت، برابري، حڪمراني ۽ اداره جاتي تياري جهڙا اهم سوال به جنم وٺن ٿا. بحث ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اهڙن ضابطه جاتي ڍانچن جي ضرورت آهي جيڪي جدت ۽ حفاظتي قدمن وچ ۾ توازن قائم ڪن ته جيئن اي آءِ جو استعمال سماجي فلاح، معاشي ترقي ۽ ماحولياتي پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. اين ايس پي پي جي ريڪٽر ڊاڪٽر محمد جميل آفاقي خطاب ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو هڪ ئي وقت جوش، حيرت ۽ خدشا پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته هيءَ ڪانفرنس صرف هڪ تقريب نه پر علم جي سفر ۾ هڪ سنگ ميل آهي.











