حيدرآباد -19 آگسٽ (اي پي پي)ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي ) حيدرآباد جي ٽيم ڳجهي معلومات جي بنياد تي قاسم آباد گرڊ اسٽيشن وٽ آپريشن ڪري ايس آر اي سان لاڳاپيل انتهائي گهربل ٽن دهشتگردن عامر لطيف چانگ ، شعيب چانگ ۽ شعبان چانگ کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان ٻه عدد هينڊ گرنيڊ ، باروردي مواد ، ڊيٽونيٽر ، بال بيرنگ ، نٽ بولٽ ، ريموٽ …
ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي، ايس آر اي سان لاڳاپيل 3 دهشتگرد گرفتار
حيدرآباد -19 آگسٽ (اي پي پي)ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي ) حيدرآباد جي ٽيم ڳجهي معلومات جي بنياد تي قاسم آباد گرڊ اسٽيشن وٽ آپريشن ڪري ايس آر اي سان لاڳاپيل انتهائي گهربل ٽن دهشتگردن عامر لطيف چانگ ، شعيب چانگ ۽ شعبان چانگ کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان ٻه عدد هينڊ گرنيڊ ، باروردي مواد ، ڊيٽونيٽر ، بال بيرنگ ، نٽ بولٽ ، ريموٽ ڪنٽرول، بيٽري، سيل، وائرون ۽ غير قانوني هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن .سي ٽي ڊي جي ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيل موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گرفتار ڪيل دهشتگرد خصوصي طور تي سجاول ضلعي جي علائقن ۾ پنجاب ويندڙ ڪارگو ٽرالرن تي فائرنگ ڪرڻ جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ روپوش هئا .ترجمان موجب عامر لطيف چانگ سي ٽي ڊي حيدرآباد کي گهربل هئو جنهن ڪراچي کان حيدرآباد واري ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪو ڪيو هو ۽ ان واردات جو مک جوابدار آهي جڏهن ته ان ڪيس ۾ اڳ ۾ گرفتار ڪيل سندس ساٿي کي اي ٽي سي حيدرآباد 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي چڪي آهي .گرفتار ٿيل دهشتگرد عامر لطيف جي گرفتاري جي لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي پاران 20 لک روپيا انعام مقرر ڪيو ويو هو. شروعاتي جاچ دوران گرفتار ٿيل دهشتگردن اعتراف ڪيو آهي ته اهي دهشتگرديءَ جون ڪارروائيون نور چانڊيو جي چوڻ تي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي ڪندا هئا، هنن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته نور چانڊيو جي چوڻ تي 14 آگسٽ واري ڏينهن اسان جو حيدرآباد ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو ارادو هو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت سيڪيورٽي جي ڪري اهي ناڪام ويا.هن وڌيڪ ٻڌايو ته 18 آگسٽ تي نور چانڊيو جي چوڻ تي ريلوي ٽريڪ تي ڪارروائي ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو هو جنهن تي عمل ڪرڻ وارا هئاسين ته گرفتار ٿي وياسين. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن پنهنجي مڪمل نيٽ ورڪ جو انڪشاف ڪيو آهي ايس آر اي جو نيٽ ورڪ نور چانڊيو نالي دهشتگرد هلائي رهيو آهي گرفتار ٿيل جوابدارن پنهنجي ٻين ساٿين جو به انڪشاف ڪيو آهي جن جي گرفتارين جي لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن کي جوابدار جي گرفتارين لاءِ سنڌ جي مختلف علا.ئقن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل دهشتگردن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ لاڳاپيل ٿاڻن کي جوابدارن جي گرفتاري جو اطلاع ڏنو ويو آهي











