سنڌ جي وڏي وزير پاران موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي امڪاني برساتن لاءِ تيارين جي هدايت

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان موسميات کاتي پاران مينهن جي اڳڪٿي کان پوءِ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جنهن جو مقصد ڪراچي سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو وٺڻ هو. وڏي وزير بلدياتي ادارن، انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن جي …

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان موسميات کاتي پاران مينهن جي اڳڪٿي کان پوءِ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪئي ته جنهن جو مقصد ڪراچي سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو وٺڻ هو. وڏي وزير بلدياتي ادارن، انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن جي وچ ۾ بھتر رابطي ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. اجلاس وزيراعليٰ هاؤس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، مڪاني اداري واري سيڪريٽري وسيم شمشاد، ايم سي ڪي ايم سي افضل زيدي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس ۾ زور ڏنو ته شهر جي انفراسٽرڪچر کي مينهن جي دٻاءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رکيو وڃي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اجلاس کي آگاهه ڪيو ته شهر جي 44 نالن جي اهم جڳهن تي نيڪاليءَ کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي جڏهن ته ته لڳ ڀڳ 150 نالا آهن جيڪي مختلف ٽائونن جي ماتحت آهن، جي صفائيءَ جو عمل پڻ جاري آهي ته جيئن برساتي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي. وڏي وزير مڪاني اداري واري صوبائي وزير ۽ ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته شهرين کي گھٽ کان گھٽ تڪليف ٿئي ۽ سندن حفاظت يقيني بڻائي وڃي. ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته نيڪاليءَ جي ڪم سان گڏ واٽر بورڊ جا 120 سکشن گاڏيون هيٺاهين وارن علائقن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن جيئن برسات جو پاڻي فوري طور ڪڍي سگهجي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) سان ويجهي تعاون ۾ آهي ۽ ضرورت پوڻ تي اضافي مشينري پڻ فراهم ڪئي ويندي. اهي قدم آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ مربوط حڪمت عمليءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀ ادارا برسات جي دوران مڪمل طور تي متحرڪ رهن. هن چيو ته شهر جي انتظاميا کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا ۽ ٽريفڪ پوليس کي يقيني بڻائڻو پوندو ته سخت برسات باوجود ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت مينهن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، پر سڀني ادارن جي مسلسل نگراني ۽ فوري ردعمل انتهائي ضروري آهي. اسان جي پھرين ترجيح عوام جي حفاظت ۽ امڪاني نقصان کي گھٽ کان گھٽ ڪرڻ آهي. شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو موسم جي تازي صورتحال کان باخبر رهن ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ ضروري احتياطي قدم کڻن. سنڌ حڪومت ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيا آهن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به شڪايت يا مسئلي جي فوري اطلاع ڏين. ٿر ۾ برسات: ڪراچي ۾ برساتن جي خدشي جي باوجود وڏي وزير ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ تازين برساتن جا مثبت اثر به اجاگر ڪيا. هن چيو ٿرپارڪر ۾ وسندڙ تيز برساتن سان سڀ مقامي ڊيم ڀرجي ويا آهن، جيڪي عوام لاءِ پاڻيءَ جو اهم ذريعو ثابت ٿيندا. ان سان مقامي برادرين کي خاص ڪري زراعت ۽ روزاني  زندگيءَ ۾ وڏو فائدو ٿيندو. وڏي وزير سنڌ پنهنجي ڳالهه جي پڄاڻي هن اطمينان سان ڪيو ته ٿر جي ماڻهن لاءِ هي برساتون خوشحاليءَ جو ذريعو ثابت ٿينديون.