سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي حوالي سان اهم اجلاس

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي پوليس تي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جون ڪارروايون  برداشت نه ڪيون وينديون. هن هدايت ڪئي ته ’هني ٽريپ‘ وارن ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير سنڌ چيو ته هو سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي جي علائقي ۾ قانون …

ڪراچي-18 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي پوليس تي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جون ڪارروايون  برداشت نه ڪيون وينديون. هن هدايت ڪئي ته ’هني ٽريپ‘ وارن ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير سنڌ چيو ته هو سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪچي جي علائقي ۾ قانون ۽ امن جي صورتحال کي بهترين ڏسڻ چاهي ٿو ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته هو هر وقت ھوشيار رهي. چيف منسٽر هائوس مان جاري پريس رليز موجب هن چيو ته چاهيان ٿو ته ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس نه ٿئي. صوبائي گھرو وزير ضياء لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ وڏي پيماني تي آپريشن ڪيا ويا آهن جن ۾ ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن جا لڳ ڀڳ 500 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. جنوري 2024ع کان 2025ع  تائين 115 ڌاڙيل ماريا ويا، 208 زخمي ٿيا ۽ 582 گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 8 انتهائي گهربل ڏوهاري به ختم ڪيا ويا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2025ع ۾ اغوا جا 91 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 88 مغوي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرايا ويا. ساڳئي ريت ’هني ٽريپ‘ تحت اغوا ٿيندڙ 287 ماڻهون ڪاميابي سان آزاد ڪيا ويا. صوبائي گھرو وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ماضي ۾ هاءِ ويز تي ڦرن جا واقعا عام هئا پر هاڻي هن لعنت جو خاتمو آندو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته صوبي جي سڀني شاهراهن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻو پوندو. مراد علي شاهه گھرو وزير کي هدايت ڏني ته ڌاريلن کي هٿيار فراهم ڪندڙ سپلاءِ لائين مڪمل طور تي ڪٽي وڃي. هن سوال اٿاريو ته هي حساس هٿيار ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن تائين ڪيئن پهچن ٿا ان جي جاچ لازمي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته ڏوھاري گروهن جو مڪمل طور تي خاتمو يقيني بڻايو وڃي. هاڻي اسان کي ڌاڙيلن جو سدائين لاءِ خاتمو ڪرڻو آهي.