حيدرآباد-18 آگسٽ (اي پي پي) اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ پوسٽ بجيٽ سيمينار 26-2025ع منعقد ڪيو، جنهن ۾ پاليسي سازن، تعليمي ماهرن، صنعتڪارن ۽ مالي ماهرن بجيٽ جو تفصيلي جائزو وٺندي معيشت، سيڙپڪاري ۽ سماجي ترقي تي ان جي اثرن تي بحث ڪيو. تقريب جو خاص مهمانِ سيڙپڪاريءَ جو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ هو، جڏهن ته صدر ۽ سي اي او اسرا اسلامڪ فائونڊيشن پروفيسر ڊاڪٽر حميدالله قاضي ۽ وائيس …
پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ، واپاري خسارو گهٽائڻ، نوجوانن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ حڪومت جون ترجيحون آهن: قيصر احمد شيخ
حيدرآباد-18 آگسٽ (اي پي پي) اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ پوسٽ بجيٽ سيمينار 26-2025ع منعقد ڪيو، جنهن ۾ پاليسي سازن، تعليمي ماهرن، صنعتڪارن ۽ مالي ماهرن بجيٽ جو تفصيلي جائزو وٺندي معيشت، سيڙپڪاري ۽ سماجي ترقي تي ان جي اثرن تي بحث ڪيو. تقريب جو خاص مهمانِ سيڙپڪاريءَ جو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ هو، جڏهن ته صدر ۽ سي اي او اسرا اسلامڪ فائونڊيشن پروفيسر ڊاڪٽر حميدالله قاضي ۽ وائيس چانسلر اسرا يونيورسٽي ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڙپڪاريءَ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ خطاب ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽائڻ، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي سهائتا ۽ نوجوانن ۾ ڪاروباري صلاحيتون وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن موجوده اقتصادي چئلينجن جو اعتراف ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ڍانچي جي سڌارن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير، اسرا يونيورسٽيءَ کي بروقت ۽ اهم سيمينار منعقد ڪرڻ تي ساراهيو جنهن سان تعليمي ماهرن کي کي اقتصادي پاليسي تي بحث ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيو آهي. آجياڻي واري خطاب ۾ وائيس چانسلر اسرا يونيورسٽي ڊاڪٽر احمد ولي الله قاضي تعليمي ادارن جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي پاليسي، صنعت ۽ سماج جي وچ ۾ رابطي جي پل بڻجن ٿا. هن چيو ته اسرا يونيورسٽي قومي مسئلن تي بحث مباحثو ڪرائڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ اقتصادي سڌارن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. سي اي او اسرا اسلامڪ فائونڊيشن پروفيسر ڊاڪٽر حميدالله قاضي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يونيورسٽيون ماڻهن ۾ مالي پاليسين ۽ اقتصادي چيلنجن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن اسرا يونيورسٽي جي ٽيم کي ڪامياب سيمينار ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني. سيمينار کي خطاب ۾ آءِ او بي ايم ڪراچيءَ جي سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر شاهده وِزارت خطاب ڪندي چيو ته قومي بجيٽ 26-2025ع جا فائدا ۽ نقصان تفصيل سان بيان ڪندي مهانگائي، قرضن جي انتظام، خوراڪ جي تحفظ ۽ صنعتي پيداواريت تي ان جي اثرن تي روشني وڌي. هن جي خطاب کان پوءِ شاگردن ۽ فئڪلٽيءَ سوال جواب سيشن ۾ سڌو سنئون پاليسي سفارشن تي سوال ڪيا. ان کان پوءِ "بجيٽ 26-2025ع جا موقعا ۽ اثر” جي موضوع تي پينل بحث ٿيو جنهن جي ميزباني ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ ڊپارٽمينٽ آف اڪنامڪس، آءِ او بي ايم ڪراچي ڊاڪٽر مرزا عقيل بيگ ڪئي. پينل ۾ ايم پي اي انجنيئر صابر حسين قائم خاني صوبي جي مالي ترجيحن توڙي وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ جي بهتر ربط تي زور ڏنو. هيڊ آف ايڊمنسٽريشن، جوبلي لائيف انشورنس ميجر رٽائرڊ سيد آفتاب محمود زيدي ڪارپوريٽ شعبي جي روزگار پيدا ڪرڻ ۽ معاشي قانونن تي ڳالهه ڪئي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اسرار احمد مالي پاليسي جي اثرن تي روشني وڌي ۽ مالي ضابطي ۽ مالي شموليت جي لاڳاپن تي ڳالهايو.











