ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفت جي هن گهڙي ۾ اسان خيبر پختونخوا جي عوام سان گڏ آهيون. خيبر پختونخوا ۾ پيش آيل قدرتي آفت سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي تمام گهرو ڏک پهتو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي …
قدرتي آفت جي هن گهڙي ۾ اسان خيبر پختونخوا جي عوام سان گڏ آهيون: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قدرتي آفت جي هن گهڙي ۾ اسان خيبر پختونخوا جي عوام سان گڏ آهيون. خيبر پختونخوا ۾ پيش آيل قدرتي آفت سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي تمام گهرو ڏک پهتو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خيبر پختونخوا جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن غير مشروط مدد لاءِ هر وقت تيار آهي. اسان دعاگو آهيون ته خيبر پختونخوا جي حڪومت ۽ عوام حوصلي ۽ يڪجهتي سان هن آزمائش جو مقابلو ڪن ۽ جلد هن مصيبت مان نڪري سگهن. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي خيبر پختونخوا جي ڀائرن جي مدد لاءِ هر وقت حاضر آهي ۽ ضرورت پوڻ تي کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ئي پاڪستاني قوم جي اصل سڃاڻپ آهي ۽ پيپلز پارٽي ان جذبي تي مڪمل يقين رکي ٿي.











