سکر - 11 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاه سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ نئين تعمير ڪيل اسڪول جي عمارت جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر نعمان اسلام شيخ، ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ به ساڻس گڏ موجود هيا. افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي تعليمي معيار کي بهتر بڻايو پيو وڃي، زبون ٿي ويل اسڪول جي عمارت …
توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاه پاران سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ نئين تعمير ڪيل اسڪول جي عمارت جو افتتاح
سکر – 11 آگسٽ(اي پي پي) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاه سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ نئين تعمير ڪيل اسڪول جي عمارت جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر نعمان اسلام شيخ، ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ به ساڻس گڏ موجود هيا. افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي تعليمي معيار کي بهتر بڻايو پيو وڃي، زبون ٿي ويل اسڪول جي عمارت جي ٻيهر تعمير کانپوءِ ٻار معياري ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته ڪچي آبادي کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن ۽ وفاقي ادارن سان ان سلسلي ۾ ڳالهيون جاري آهن. عوامي مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته راهول گانڌي ۽ سندس ڀيڻ پاڪستان لاءِ ڪو نرم رويو نه رکندا آهن، پر هنن مودي جو اصل چهرو دنيا آڏو وائکو ڪيو. مودي، پاڪستان تي ڪوڙو الزام هڻي رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو پر پاڪستان جي فوج ڀرپور جواب ڏئي ڀارتي رافيل جهازن کي نقصان پهچايو ۽ دشمن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيو. هن چيو ته پلوامه وارو واقعو مودي جو ٺاهيل ڊرامو هو جنهن ۾ بيگناهه ڪشميرين جون حياتيون ضايع ٿيون. ڀارت ۾ سچ ڳالهائڻ تي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا.ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري دنيا ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ ڀارت کي اڪيلو ڪري ڇڏيو.











