حيدرآباد -10 آگسٽ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ملاکڙو، سگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقي سميت ٻيون تقريبون جاري آهن. عرس جي شروعات ۾ رات جو شاهه عبداللطيف آڊيٽوريم ڀٽ شاهه ۾ محفل موسيقي جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، ثقافت ۽ سياحت وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، …
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين عرس جون تقريبون جاري، صوبائي وزيرن سميت اهم شخصيتن جي شرڪت
حيدرآباد -10 آگسٽ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ملاکڙو، سگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقي سميت ٻيون تقريبون جاري آهن. عرس جي شروعات ۾ رات جو شاهه عبداللطيف آڊيٽوريم ڀٽ شاهه ۾ محفل موسيقي جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، ثقافت ۽ سياحت وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، وڏي وزير جو خوراڪ کاتي بابت خاص معاون جبار خان، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سميت سرڪاري آفيسرن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. 3 ڏينهن واري عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ روزانو شام جو محفل موسيقي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ اٽڪل 300 ڳائڻا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. بهترين راڳين جي چونڊ ڪري عرس جي آخري ڏهاڙي تي کين ”لطيف ايوارڊ“ سان نوازيو ويندو. پهرين ڏينهن جي محفل ۾ استاد شفيع فقير، شمن ميرالي، سميت مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو ۽ حاضرين کان خوب داد وصول ڪيو.











