ڪراچي-08 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي نگراني ھيٺ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ڪراچي ۾ مختلف راندين جا مقابلا جوش ۽ جذبي سان جاري آھن. راندين واري کاتي جي ترجمان موجب ضلعي ڏکڻ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل ڪراٽي چيمپيئن شپ ۾ شاھ لطيف ڪراٽي ڪلب بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري 7 گولڊ ،5 سلور ۽ 9 برونز ميڊل حاصل ڪري پھرين …
سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي نگراني ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ڪراچي ۾ مختلف راندين جا مقابلا جوش ۽ جذبي سان جاري
ڪراچي-08 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي نگراني ھيٺ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ڪراچي ۾ مختلف راندين جا مقابلا جوش ۽ جذبي سان جاري آھن. راندين واري کاتي جي ترجمان موجب ضلعي ڏکڻ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل ڪراٽي چيمپيئن شپ ۾ شاھ لطيف ڪراٽي ڪلب بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري 7 گولڊ ،5 سلور ۽ 9 برونز ميڊل حاصل ڪري پھرين پوزيشن حاصل ڪئي، ٽورس ايم ايم اي اينڊ فٽنيس 5 گولڊ ،5 سلور ۽ 2 برونز ميڊلز ماڻي ٻي پوزيشن ،جڏھن تھ شوتوکان ڪراٽي ڪلب 4 گولڊ، 4 سلور ۽ 7 برونز ميڊلز حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. راندين واري کاتي جي ترجمان موجب، ھي مقابلا ضلع ڏکڻ جي اسپورٽس آفيسر فريد علي جي نگرانيءَ ھيٺ ڪرايا ويا،جن ۾ 11 ڪلبز جا 100 کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شريڪ ٿيون. پوزيشن ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فريد علي ورھايا. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ضلعي ڪورنگي ۾ راندين واري کاتي جي انتظام ھيٺ ٿيل اسنوڪر چيمپيئن شپ ۾ عارف حسين بوائز ڪيٽيگري ۾ پھرين پوزيشن ماڻي. ترجمان موجب، ڪورنگي ۾ ٿيل راندين جي مقابلي ۾ بوائز ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ ۾ صائم ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن تھ ڇوڪرين واري اسنوڪر چيمپئن شپ ۾ آبرش ۽ جماعبھ ٻئين پوزيشن تي رھيون. اسنوڪر ۾ ٽيبل ٽينس جا مقابلا ضلع ڪورنگي جي اسپورٽس آفيسر شڪيل احمد جي نگرانيءَ ۾ ٿيا، جن ۾ 70 کان وڌيڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڀرپور شرڪت ڪئي. پوزيشن ماڻيندڙ رانديگرن ۾ انعام راندين واري سيڪريٽري علي مھيسر ورھايا.











