سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪابينا اجلاس جي صدارت، اهم پاليسي فيصلي تحت جامع سڌارن جي منظوري

ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي هڪ اهم پاليسي فيصلي تحت جامع سڌارن جي منظوري ڏني آهي. انهن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي گاڏين جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ، ميڊيڪل ڪاليج داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) جي ذميداري، آءِ بي اي سکر کي منتقل ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ 3371 محفوظ تاريخي عمارتن جو نئين سر جائزو …

ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي هڪ اهم پاليسي فيصلي تحت جامع سڌارن جي منظوري ڏني آهي. انهن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي گاڏين جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ، ميڊيڪل ڪاليج داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) جي ذميداري، آءِ بي اي سکر کي منتقل ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ 3371 محفوظ تاريخي عمارتن جو نئين سر جائزو شامل آهي. ڪابينا چيسز نمبر ۾ تبديلي تي سرڪاري تحويل ۾ ورتل گاڏين جي رجسٽريشن جي اجازت ڏيڻ، گاڏين جي فٽنيس جاچ جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ عالمي وبا ڪورونا دوران ڀرتي ڪيل فني معاون عملي جي خدمتن ۽ پگهارن ۾ آخري توسيع جي به منظوري ڏني وئي. چيف منسٽر هائوس مان جاري ٿيل پريس رليز موجب اهو اجلاس چيف منسٽر هائوس ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ صوبائي وزيرن، مشيرن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. پريس رليز موجب ايڪسائيز کاتي پاران پيش ڪيل تجويز تحت ڪابينا سي اين آءِ سي بنياد تي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ پرسنلائيزڊ رجسٽريشن مارڪس جي نظام جي اصولي منظوري ڏني. هن نظام تحت گاڏي جي نمبر پليٽ مالڪ جي سڃاڻپ ڪارڊ سان ڳنڍيل هوندي . ان سان صوبي ۾ هڪجهڙائي ۽ گاڏين جي ڳولا ۾ بهتري ايندي. ان ماڊل تحت نمبر پليٽون گاڏي سان واڳيل نه هوندي پر مالڪ وٽ محفوظ هوندي. گاڏي جي وڪري وقت نمبر پليٽ چيسز کان ڌار ڪئي ويندي. پريس رليز موجب ڪابينا ان قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻڌل رجسٽريشن نظام جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٽرانسپورٽ کاتي فٽنيس نظام جي ڊجيٽلائيزيشن شروع ڪري ڇڏي آهي . ڪراچي ۾ 5، حيدرآباد ۾ هڪ ۽ سکر ۾ هڪ وڏين گاڏين جا فٽنيس مرڪز قائم ڪيا ويندا. ٻئي مرحلي ۾ لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وڌيڪ مرڪز ۽ 25 ننڍين گاڏين جا فٽنس مرڪز قائم ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ صوبي ۾ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظتي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ڪندي 3371 محفوظ قرار ڏنل عمارتن جي نئين سر جائزي لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ يا هڪ وڌيڪ ڪاميٽيون ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ ڪابينا سنڌ تعليمي بورڊز انٽرميڊئيٽ ۽ ثانوي تعليم (ترميمي) ايڪٽ 2025ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني جنهن تحت گريڊ 19 ۽ 20 جي آفيسرن کي صوبي جي سڀني تعليمي بورڊز ۾ چيئرمين مقرر ڪري سگهبو. اها ترميم انتظامي ڏُکيائين ۽ گريڊ 21 جي آفيسرن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي، جيڪي ان کان اڳ چيئرمين جي عهدي لاءِ اهل قرار ڏنا ويا هئا. هاڻ شق 15 (1) تحت گريڊ 19 يا 20 جا آفيسر بدلي جي بنياد تي چيئرمين مقرر ڪري سگهبا. انهن جو مدو 3 سال هوندو ۽ ٻيهر مقرريءَ جي اجازت به هوندي. سنڌ ۾ دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ جي ڪاررواين کي اثرائتو بنائڻ لاءِ گهرو کاتي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع ۾ ترميمن جي تجويز ڏني آهي.