پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت تي قائم آهي ۽ رهندو: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت تي قائم آهي ۽ رهندو. اڱاري ڏينهن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي عظيم ۽ لازوال …

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت تي قائم آهي ۽ رهندو. اڱاري ڏينهن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي عظيم ۽ لازوال قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو، 5 آگسٽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اسان ڪشمير جي انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن آزادي جي راهه ۾ پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي مڪمل حمايت تي قائم آهي ۽ رهندو، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن جي جرئت منداڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان عالمي سطح جي هر فورم تي ڪشميري عوام جو آواز رهيو آهي ۽ رهندو، اسان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺا آهيون ۽ هميشه بيٺا رهنداسين. 

مزید خبریں