قوم يومِ استحصال ملهائي رهي آهي ۽ مخالف ڌر يومِ احتجاج ملهائي رهي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قوم 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن جي مذمت طور يوم استحصال ملهائي رهي آهي ۽ مخالف ڌُر يومِ احتجاج ملهائي رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ميان محمد سومرو جي سيٽ 40 ڏينهن غير حاضر رهڻ سبب خالي قرار ڏني وڃي .هن چيو …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته قوم 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن جي مذمت طور يوم استحصال ملهائي رهي آهي ۽ مخالف ڌُر يومِ احتجاج ملهائي رهي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ميان محمد سومرو جي سيٽ 40 ڏينهن غير حاضر رهڻ سبب خالي قرار ڏني وڃي .هن چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر هر وقت ڪاغذ اُڇلائيندا ۽ گوڙ ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا معاملن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، اوهان پُرامن احتجاج جي ڳالهه ڪري روزانو اسلام آباد تي چڙهائي ڪريو ٿا، اڄ استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي ۽ اوهان احتجاج ڪري رهيا آهيو.

مزید خبریں