اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته شيخ وقاص اڪرم بنا ٻُڌائڻ جي 40 ڏينهن کان وڌيڪ غير حاضر آهي، آرٽيڪل 64 تحت اهڙي ميمبر جي سيٽ کي خالي قرار ڏئي سگهجي ٿو. قومي اسيمبليءَ ۾ ريمارڪس ڏيندي اسپيڪر چيو ته ڪو قومي اسيمبلي جو ميمبر 40 ڏينهن تائين غير حاضر هجي ته اسپيڪر ايوان جي نوٽيس ۾ آڻي ٿو. اسپيڪر چيو ته آرٽيڪل 64 تحت اهڙي ميمبر جي سيٽ کي خالي قرار ڏئي سگهجي ٿو.