ڪراچي-04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي تھ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ 2 ھزار کان وڌيڪ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي ھدايتن تي سڄيءَ سنڌ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تقريبون قومي جذبي ۽ ولولي سان جاري آھن. ھن اھا ڳالھه …
جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ 2 ھزار کان وڌيڪ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي-04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي تھ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ 2 ھزار کان وڌيڪ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي ھدايتن تي سڄيءَ سنڌ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تقريبون قومي جذبي ۽ ولولي سان جاري آھن. ھن اھا ڳالھه ٿرڪول انرجي بورڊ جي آفيس ۾ ان سلسلي ۾ ٿيل ھڪ تقريب کي خاص مھمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ۽ ڪيڪ ڪاٽي تقريب جو افتتاح ڪندي چئي. سيد ناصر حسين شاھه چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي ھدايتن تحت سڄي سنڌ ۾ جشن آزادي ۽ معرڪھ حق جون تقريبون جوش ۽ جذبي سان ملھايون پيون وڃن جڏھن تھ سڀني سرڪاري ادارن ۾ بھ ان لاءِ خاص تقريبون ٿي رھيون آھن. ھن چيو تھ معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان توانائي کاتي ۾ اھا ٻي تقريب آھي. ناصر حسين شاھه چيو تھ معرڪه حق ۽ جشن آزادي سڄي پاڪستاني قوم لاءِ فخر جو سبب آھي ۽ قوم ان کي جذبي سان ملھائي رھي آھي. تقريب ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ٿر ڪول انرجي بورڊ (ٽي سي اِي بي) جي ايم ڊي طارق علي شاهھ، ايس ٽي ڊي سي جي سي اِي او سليم شيخ ، ڊائريڪٽر نثار ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن بھ شرڪت ڪئي.تقريب دوران ايس ٽي ڊي سي جي ايم ڊي طارق علي شاهھ چيو تھ معرڪه حق ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ ٻين کاتن تي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. ٿرڪول بورڊ جا سڀ ملازم هن تقريب ۾ ڀرپور جوش سان شامل ٿيا ۽ وزير ناصر شاهه جا ٿورائتا آهيون، جو هو تقريب ۾ آيو ۽ عزت بخشي. هن چيو ته ايس ٽي ڊي سي معرڪه حق ۾ ڪاميابي سان پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي، ۽ اهو احساس ٿيو آهي ته ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي.











