تعليم، صحت، روزگار ۽ رستن جي سھولت ھر شھري جو حق آھي: گورنر سنڌ

ڪراچي-04 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي ته تعليم، صحت، روزگار ۽ رستن جي سھولت ھر شھري جو حق آھي. اسان کي نئين نسل جي اھڙي تربيت ڪرڻي آھي جو ٻين جي احترام جو جذبو رکي. پاڪستان کي آزاد ٿئي 77 سال ٿي ويا آھن، پر عوامي مسئلا اڄ بھ برقرار آھن. انھن خيالن جو اظھار ھن نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 اي ۾ معرڪه حق، …

ڪراچي-04 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي ته تعليم، صحت، روزگار ۽ رستن جي سھولت ھر شھري جو حق آھي. اسان کي نئين نسل جي اھڙي تربيت ڪرڻي آھي جو ٻين جي احترام جو جذبو رکي. پاڪستان کي آزاد ٿئي 77 سال ٿي ويا آھن، پر عوامي مسئلا اڄ بھ برقرار آھن. انھن خيالن جو اظھار ھن نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 اي ۾ معرڪه حق، جشن آزادي جي مناسبت سان منعقد وڻڪاري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڻڪاري مھم ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، انيس قائمخاني، چونڊيل نمائندن ۽ علائقي جي معزز شهرين شرڪت ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر جي اچڻ تي شھرين گلن جي ورکاءُ ڪري سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. حق جو معرڪه، جشن آزادي جي مناسبت سان گورنر سنڌ وڻڪاري مھم ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻوٽو لڳائي مھم کي جاري رکڻ جي تلقين بھ ڪئي. بزرگن ۽ نوجوانن جي وڏي تعداد قومي جذبي سان وڻڪاري مھم ۾ ڀرپور حصو ورتو. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو تھ ملڪ جي ترقي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آھي، ھر فرد کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ھن چيو تھ ووٽ ھڪ قومي امانت آھي، ان کي باشعور انداز ۾ استعمال ڪريو. ھن چيو تھ اھڙي نمائندي کي ووٽ ڏيو جيڪو عوام جو احترام ڪري ۽ مسئلا حل ڪري. ھن چيو تھ شھرين جي حقن لاءِ ھر فورم تي آواز بلند ڪندو رھندس. گورنر سنڌ شھرين سان گڏجي جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب جي پڄاڻي تي شاندار آتشبازي سان ٿي.