ڪراچي-01 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال آزادي جو ڏهاڙو ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد مئي ۾ ڀارت جي سازش ۽ ان خلاف پاڪستان جي مضبوط ردعمل کي ياد ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته جڏهن ملڪ کي خطرو هوندو آهي ته سڄي قوم هڪ ٿي ويندي آهي. اسين پاڪستان جي بچاءَ …
هن سال آزادي جو ڏهاڙو ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ملهائڻ جو مقصد مئي ۾ ڀارت جي سازش ۽ ان خلاف پاڪستان جي مضبوط ردعمل کي ياد ڪرڻ آهي: سنڌ جو وڏو وزير
ڪراچي-01 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال آزادي جو ڏهاڙو ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد مئي ۾ ڀارت جي سازش ۽ ان خلاف پاڪستان جي مضبوط ردعمل کي ياد ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته جڏهن ملڪ کي خطرو هوندو آهي ته سڄي قوم هڪ ٿي ويندي آهي. اسين پاڪستان جي بچاءَ لاءِ متحد ٿياسين ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙن خيالن جو اظھار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل ”ماءِ ڪراچي – اويسس آف هارموني ايگزيبيشن 2025“ کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون سنڌ ۾ پهرين آگسٽ کان شروع ٿي ويون آهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي پرامن جدوجهد ذريعي 1947 ۾ پاڪستان جي قيام ۽ 1971 ۾ ملڪ جي ورهاڱي جو ذڪر ڪندي ملڪ جي تاريخي سفر تي روشني وڌي. سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏکين حالتن ۾ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو جڏهن ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي کي اڳتي وڌائيندي ملڪ جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مظبوط ڪيو. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر مئي جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته قوم دشمن خلاف هڪ ٿي بيٺي ۽ اسين ڪامياب ٿياسين.ان موقعي تي وڏي وزير ڀارت خلاف ڪاميابي جي علامت طور آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪٽيو. هن چيو ته ”ماءِ ڪراچي“ ايونٽ هاڻي شهر جو هڪ نمائنده جشن بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي شرڪت ڪراچي جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿي. وڏي وزير ڪي سي سي آء کي ڪامياب نمائش جي بندوبست تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته هن ايونٽ جي شروعات 2004ع ۾ ٿي هئي جڏهن ڪراچي ڏکي حالتن مان گذري رهيو هو. مراد علي شاهه ڪراچي جي امن امان واري صورتحال ۾ بهتري جو ذڪر ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه اسٽريٽ ڪرائم اڃا به موجود آهن پر صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بهتر آهي. هن ورلڊ بينڪ جي 2015 واري "گيپ انالسز رپورٽ” جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ معياري زندگي لاءِ 3 ٽريلين رپين جي ضرورت هئي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ "ڪمپيٽيٽو اينڊ لائيويبل سٽي آف ڪراچي” ڪلڪ سميت ڪيترائي منصوبا شهر جي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شهر جي صفائي کي بهتر ڪرڻ لاءِ "ويسٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي” قائم ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ بسن جو به آغاز ڪيو آهي. سيد مراد علي شاهه پاڻي جي مسئلي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪي فور منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي ضرورت آهي جيڪو ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن وڌيڪ پاڻي جا وسيلا آڻڻ لاءِ ڪوششن ۽ وفاقي حڪومت جي سهڪار تي به شڪرگذاري جو اظهار ڪيو. وڏي وزير پُرزور انداز ۾ چيو ته سڀ سياسي پارٽيون گڏجي آزادي جو ڏهاڙو ملهاينديون ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪنديون. هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني.ان موقعي تي صوبائي وزير بلديات سعيد غني، وزير صنعت ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڪي سي سي آءِ جو صدر جاويد بلواڻي، چيمبر جا ميمبر، ناليوارا صنعتڪار ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ هئا.











