سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

ڪراچي--31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ سنڌ ۽ برطانيا وچ ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم، وزيراعليٰ جي خاص معاون قاسم نويد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه کي بطور وزيراعليٰ سنڌ …

ڪراچي–31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ سنڌ ۽ برطانيا وچ ۾ جاري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم، وزيراعليٰ جي خاص معاون قاسم نويد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه کي بطور وزيراعليٰ سنڌ مسلسل ٽئين دور جي شروعات تي مبارڪباد ڏني وئي، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ جاري ترقياتي منصوبن کي پڻ ساراهيو ويو. وڏي وزير اجلاس کي آگاهي ڏني ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي ۽ شهر جون رونقون ٻيهر آڻڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جا وڏا منصوبا جاري آهن جن ۾ روڊن، فلائي اوورز، انڊر پاسز ۽ نيڪال نظام جي تعمير شامل آهي. شهر ۾ شاهراهِ ڀٽو، نيو لنڪ روڊ، بي آر ٽي ريڊ لائن ۽ ييلو لائن جهڙا منصوبا تعمير هيٺ آهن ته جيئن شھري ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائي سگهجي. مراد علي شاهه پاڻي جي فراهمي بابت وڏن منصوبن، ڪي فور، نئون حب ڪينال ۽ ڊي ايڇ اي واٽر سپلائي پروجيڪٽ تي به روشني وڌي. ڪراچي جي نيڪال نظام، واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ بابت به قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زرعي زمينن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ پاڻي جي پراڻن لنگهن کي بحال ڪيو آهي. صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ نمايان سڌارا آندا آهن جڏهن ته صوبي ۾ صنعتي واڌاري لاءِ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ تازو ٻوڏ متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ گهرن جي ٻيهر تعمير تي به غور ڪيو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل ڏهاڪي دوران وڏا بجلي گهر ۽ ٽرانسميشن لائينون لڳايون ويون آهن ۽ موجوده بجيٽ ۾ بجلي، نيڪال ۽ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي آهي. برطانوي هاءِ ڪميشن (فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس) پاران سنڌ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 1 ڪروڙ 54 لک 30 هزار ڊالرن جي گرانٽ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 7 ڪروڙ ڊالرن جو قرض فراهم ڪيو ويو، جنهن سان لب مهراڻ سياحتي منصوبي ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جهڙا منصوبا ممڪن ٿيا. ان کانسواءِ 2000ع جي ٻوڏ کان پوءِ قدرتي آفتن بابت خطري جي روڪٿام، تياري، ڊجيٽل ڊيٽا ڊيش بورڊ ۽ موبائل ڊيزاسٽر ايپ جهڙن منصوبن ۾ به تعاون ڪيو. هڪ ٻيو اهم منصوبو ‘نيشنل گورننس پروگرام’ آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. ايندڙ سهڪار تحت، تعليم جي شعبي ۾ اسڪولن جي بحالي، قابليت وڌائڻ ۽  اسٽيم ليبارٽريون قائم ڪرڻ شامل آهن جڏهن ته سماجي تحفظ جا منصوبا جهڙوڪ صحت جون سهولتون، فني تربيت، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل تبديلي پڻ تجويز ٿيل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي قيادت، مالي مهارت ۽ پي پي پي تحت برطانيا سان تعاون کي وڌائڻ تي زور ڀريو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي مالي ۽ فني سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي به نظرثاني ڪئي. ملاقات سنڌ ۽ برطانيا وچ ۾ معيشت، بنيادي ڍانچي، سماجي ترقي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.