ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي 64 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن شرڪت ڪئي. جن مان 30 سرڪاري ۽ 34 نجي يونيورسٽيون هيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزادي جو ڏهاڙو " حق جي ويڙهه" جي عنوان سان ڀرپور نموني ملهايو ويندو جنهن لاءِ هڪ …
آزادي جو ڏهاڙو ” ڀرپور نموني ملهايو ويندو: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي 64 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن شرڪت ڪئي. جن مان 30 سرڪاري ۽ 34 نجي يونيورسٽيون هيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزادي جو ڏهاڙو ” حق جي ويڙهه” جي عنوان سان ڀرپور نموني ملهايو ويندو جنهن لاءِ هڪ جامع پروگرام ترتيب ڏنو ويندو. وڏي وزير تعليم، ثقافت، راندين ۽ ادبي سرگرمين تي زور ڀريو ته جيئن نوجوانن ۾ حب الوطني جو جذبو وڌي. وڏي وزير چيو ته قوم جي ڪاميابي ۽ آزادي جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ جامع منصوبو جوڙيو آهي. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته آزادي جون تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون. سڀ يونيورسٽيون پنهنجين عمارتن ۽ ڪلاس رومن کي قومي وقار موجب سينگارين ۽ لاڳاپيل پروگرام منعقد ڪن. وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته جيڪو به ادارو، يونيورسٽي، دڪاندار يا ٻي ڪا جاءِ بهترين سينگاريندي ان کي انعام ڏنو ويندو. وڏي وزير يونيورسٽين کي هدايت ڪئي ته راندين، ثقافت، مباحثن ۽ ادبي سرگرمين جا شيڊول ترتيب ڏيو. ساڳئي وقت هن سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ ۽ چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ طارق رفيع کي هدايت ڪئي ته هو الڳ ۽ بين اليونيورسٽي پروگرامز جو اهتمام ڪن. اجلاس جي ايجنڊا ۾ يونيورسٽين جون تجويزون شامل ڪيون ويون جڏهن ته صوبي ۾ وڻڪاري مهم هلائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن ماحولياتي تحفظ کي هٿي ملي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ تجويز ڪيل پروگرامز تي بريفنگ ڏني. اجلاس ان عزم سان پڄاڻي تي پهتو ته آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جذبي ۽ وقار سان ملهايو ويندو.اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري محمد رحيم شيخ ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع به شرڪت ڪئي.











