ڪرغزستان جو اعليٰ سطحي وفد ڪراچي پهچي ويو، صوبائي وزير ناصر شاهه پاران آجيان

ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي) ڪرغزستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪالهه ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي توانائي، منصوبه بندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت طرفان پرجوش آجيان ڪئي.وفد جي اڳواڻي ڪرغزستان جي منسٽر ڪيبينٽ جو ڊپٽي چيئرمين ڪري رهيو هو. ملاقات دوران سنڌ جي توانائي واري وزير ۽ ڪرغزستان جي وفد وچ ۾ رسمي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٻه …

ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي) ڪرغزستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪالهه ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي توانائي، منصوبه بندي ۽ ترقيات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت طرفان پرجوش آجيان ڪئي.وفد جي اڳواڻي ڪرغزستان جي منسٽر ڪيبينٽ جو ڊپٽي چيئرمين ڪري رهيو هو. ملاقات دوران سنڌ جي توانائي واري وزير ۽ ڪرغزستان جي وفد وچ ۾ رسمي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٻه طرفه سهڪار، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل دلچسپي وارا معاملا بحث هيٺ آيا. سيد ناصر حسين شاهه وفد کي سنڌ جي توانائي واري شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهي ڏيندي، چيو ته سنڌ حڪومت تجديد جوڳي توانائي، سولر پارڪ، ونڊ انرجي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ موجود وسيلن ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري نه صرف ڪرغزستان پر ٻين ملڪن لاءِ به ڀرپور موقعا موجود آهن. ان موقعي تي هن ڪرغزستان جي سيڙپڪارن کي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ڪرغزستان جي وفد به سنڌ جي مختلف شعبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ سنڌ حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي. ان ملاقات کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، واپاري سهڪار وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جا نوان رستا کولڻ ڏانهن هڪ هاڪاري قدم قرار ڏنو ويو.