سنڌ جي وڏي وزير پاران شڪارپور ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جو نوٽيس

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جو فوري نوٽيس وٺندي هدايت جاري ڪئي ته زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. اهو واقعو صبح 10 وڳي 20 منٽن تي پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ٽي بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. شروعاتي اطلاعن موجب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا پر خوشقسمتيءَ سان ڪوبه …

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ويجهو ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جو فوري نوٽيس وٺندي هدايت جاري ڪئي ته زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. اهو واقعو صبح 10 وڳي 20 منٽن تي پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ٽي بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. شروعاتي اطلاعن موجب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا پر خوشقسمتيءَ سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌ تي فوري طور تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. واقعي کانپوءِ ريلوي ٽريفڪ عارضي طور معطل ڪئي وئي جنهن سبب ٻيون ٽرين سروسز پڻ متاثر ٿيون. وڏي وزير واقعي جي مڪمل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ذميوارن کي هرگز نه بخشو ويندو. هن ان واقعي کي رياست تي حملو قرار ڏيندي ڏوھارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو پڪو عزم ظاهر ڪيو.