ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) جسٽس ظفر احمد راجپوت سومر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻي ورتو. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ کانئس عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي،ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مرڪزي اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شريڪ هئا. حلف …
جسٽس ظفر احمد راجپوت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻي ورتو
ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) جسٽس ظفر احمد راجپوت سومر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻي ورتو. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ کانئس عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي،ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مرڪزي اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شريڪ هئا. حلف برداري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن،سينيئر وڪيلن ۽ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي.











