اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پاڪستانين طرفان پرڏيهه ۾ انڊسٽري جو قيام ۽ سيڙپڪاري انتهائي سٺو سنئوڻ آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ناشوا گروپ جي ڊائريڪٽر سمير منير شيخ سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن خيبرپختونخوا جي گورنر سان خاص ملاقات ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪندي چيو ته اسان جي هيءَ ڪوشش آهي، ته …
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ناشوا گروپ جي ڊائريڪٽر جي ملاقات
اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته پاڪستانين طرفان پرڏيهه ۾ انڊسٽري جو قيام ۽ سيڙپڪاري انتهائي سٺو سنئوڻ آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ناشوا گروپ جي ڊائريڪٽر سمير منير شيخ سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن خيبرپختونخوا جي گورنر سان خاص ملاقات ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪندي چيو ته اسان جي هيءَ ڪوشش آهي، ته پاڪستاني ملڪ لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين. هن چيو ته سعودي عرب ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ ناشوا گروپ جو قيام اسان لاءِ خوشي جو سبب آهي، جنهن تي ناشوا گروپ جي سموري ٽيم مبارڪون لهڻي. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ به سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، صنعتڪارن کي گهرجي ته اهي خيبرپختونخوا جو رُخ ڪن.











