حيدرآباد-25 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مدر اينڊ چائيلڊ اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو جيڪو صحت جي جديد سهولت، سنڌ ۽ جاپان دوستي جو مظهر آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ۾ نئين مدر اينڊ چائيلڊ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اسپتال سنڌ ۽ جاپان جي پراڻي دوستي ۽ سهڪار …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مدر اينڊ چائيلڊ اسپتال جو افتتاح
حيدرآباد-25 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياقت يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مدر اينڊ چائيلڊ اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو جيڪو صحت جي جديد سهولت، سنڌ ۽ جاپان دوستي جو مظهر آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ۾ نئين مدر اينڊ چائيلڊ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اسپتال سنڌ ۽ جاپان جي پراڻي دوستي ۽ سهڪار جو عملي ثبوت آهي. هن چيو ته اها فقط هڪ عمارت ناهي پر اميد ۽ صحت جو ڪِرڻو آهي ۽ سنڌ حڪومت ماءَ ۽ ٻار جي صحت کي پنهنجي پاليسي جو اهم ترين حصو بڻايو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽولوجي (SICHN) جي تحت سالياني 5 لک کان وڌيڪ ٻارن کي علاج جون سهولت مهيا ٿي رهيون آهن ۽ هتي 262 کان وڌيڪ انڪيوبيٽرز سميت ملڪ جو سڀ کان وڏو سرڪاري نيونٽل ڪيئرنيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ خاص طور تي ماءَ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي وڏي ڪاميابي آهي،ان سهولتن جي ذريعي هاڻ سنڌ صوبي ۾ 24 ڪلاڪ طبي خدمتن جو دائرو وڌيڪ وسيح ٿي ويو آهي. وڏي وزير صوبي ۾ وڌيڪ 4 سيٽلائيٽ هيلٿ سينٽرز شهداد پور، قمبر، شهدادڪوٽ ، سجاول ۽ ميرپورماٿيلو ۾ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪندي چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيگا جهڙي پارٽنرز سان سنڌ جي صحت جي نظام کي ايندڙ نسلن لاءِ لاڀائتو بڻائي رهيا آهيون سندس چوڻ هو ته ٻار جي ڄم ۾ خوف نه اميد جو لمحو هئڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جي اها پاليسي آهي ته ڪا به امڙ ويم دوران پنهنجي حياتي نه وڃائي ۽ هر ٻار کي صحتمند زندگي مهيا ٿئي. وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرافضل پيچوهو جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندس سربراهي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيترائي ئي نمايان سنگ ميل عبور ڪيا ويا آهن.تقريب دوران سنڌ ۽ جاپان جي سفير مستقبل ۾ وڌيڪ سهڪار ۽ گڏيل عزم کي ورجايو، جڏهن ته وڏي وزير ڄامشورو اسپتال کي بين الاقوامي سهڪار جو هڪ بهترين عمل قرار ڏنو ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ ماءَ ۽ ٻار جي صحت مرڪز جي قيام ۽ ان جي ترقي متعلق بريفنگ ڏني وئي.











