حيدرآباد  جي ڊويزنل ڪمشنر سان بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

حيدرآباد-25 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي سان بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنرمحبوب عالم سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل خير سگالي ۽ علائقائي سهڪار جي جذبي متعلق غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي  ڊويزنل ڪمشنر فياض عباسي آيل معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو _ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد …

حيدرآباد-25 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي سان بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنرمحبوب عالم سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل خير سگالي ۽ علائقائي سهڪار جي جذبي متعلق غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي  ڊويزنل ڪمشنر فياض عباسي آيل معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو _ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد پاران ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن ، تعليمي، ڪاروباري سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو ويو، هن چيو ته اهڙي طرح جي ملاقاتن سان تعليم، سياحت، ڪاروبار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا نوان لاڙا پيدا ٿين ٿا. ان موقعي تي بنگلاديش  جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محبوب عالم شاندار آجيان تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان جي علائقائي انتظامي ادارن  سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ بنگلاديش جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.