سنڌ سرڪار صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي،پرنٽ ميڊيا معاشري ۾ جاڳرتا ۽ جعلي خبرن خلاف عوام کي درست معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اھم حيثيت  رکي ٿي. اهڙو اظهار هن آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي جي  ٻه رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ اي پي اين ايس جو صدر سينيٽر سرمد علي …

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي،پرنٽ ميڊيا معاشري ۾ جاڳرتا ۽ جعلي خبرن خلاف عوام کي درست معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اھم حيثيت  رکي ٿي. اهڙو اظهار هن آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي جي  ٻه رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ اي پي اين ايس جو صدر سينيٽر سرمد علي ۽ سيڪريٽري جنرل محمد اطھر قاضي شامل ھُئا. اي پي اين ايس جي عھديدارن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي اخباري صنعت جي درپيش مسئلن کان آگاھ ڪيو ۽ وفد پرنٽ ميڊيا جي حُجم ۾ اضافي، علائقائي پريس جي اھميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته سنڌ سرڪار اخباري صنعت جا سمورا جائز مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪندي ۽ اخباري صنعت جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن کي فوري ھدايتون جاري ڪيون وينديون.