حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جو سينئر صحافي عزيز الله ملڪ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ڊگهي عرصي تائين صحافتي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، پنهنجي صحافتي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي اهم واقعن جي ڪوريج ڪئي ۽ قلمي پورهئي ذريعي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪيو. سندس لاڏاڻي سان حيدرآباد جي صحافت هڪ علم دوست، باخبر ۽ مخلص شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. مرحوم جي جنازي نماز …
حيدرآباد جو سينئر صحافي عزيز الله ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو
حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) حيدرآباد جو سينئر صحافي عزيز الله ملڪ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ڊگهي عرصي تائين صحافتي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، پنهنجي صحافتي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي اهم واقعن جي ڪوريج ڪئي ۽ قلمي پورهئي ذريعي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪيو. سندس لاڏاڻي سان حيدرآباد جي صحافت هڪ علم دوست، باخبر ۽ مخلص شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. مرحوم جي جنازي نماز باغ مصطفيٰ، لطيف آباد نمبر 8 ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ، سينيٽر عاجز ڌامراهه، حيدرآباد جي سينئير صحافين، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











