روھڙيءَ جي لينسڊائون پل تان زال مڙس پاران معصوم پٽ سميت درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش، ريسڪيو وارن مرد کي بچائي ورتو

سکر -24 جولاءِ (اي پي پي) روھڙيءَ جي  لينسڊائون پل تان زال مڙس معصوم پٽ سميت درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي جن مان هڪ مرد کي بچايو ويو آهي. تفصيل مطابق روھڙيءَ جي  لينسڊائون پل تان زال مڙس معصوم پٽ سميت درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ مرد کي ريسڪيو اھلڪارن بچائي ورتو جڏھن ته عورت ۽ ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي. خبر موجب روهڙي شھر جي رهواسي وسيم آرائينءَ پنهنجي زال مسڪان …

سکر -24 جولاءِ (اي پي پي) روھڙيءَ جي  لينسڊائون پل تان زال مڙس معصوم پٽ سميت درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي جن مان هڪ مرد کي بچايو ويو آهي. تفصيل مطابق روھڙيءَ جي  لينسڊائون پل تان زال مڙس معصوم پٽ سميت درياهه ۾ ٽپ ڏئي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ مرد کي ريسڪيو اھلڪارن بچائي ورتو جڏھن ته عورت ۽ ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي. خبر موجب روهڙي شھر جي رهواسي وسيم آرائينءَ پنهنجي زال مسڪان ۽ اڍائي ورهين جي پٽ غلام عباس سميت لينسڊائون پل تان ٽپ ڏنو. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ان سلسلي ۾ پوليس اھلڪارن ميڊيا کي ٻڌايو ته وسيم آرائين کي درياءَ مان ٻاھر ڪڍيو ويو آھي جڏھن ته سندس زال ۽ ٻار جي ڳولھا جاري آهي. ابتدائي جاچ جي بنياد تي پوليس اھلڪارن ٻڌايو آھي ته مڙس ۽ زال منشيات جا عادي آھن جيڪي سخت مالي تنگيءَ ۾ زندگي گذاري رھيا ھئا. واقعي واري ڏينھن سندن معصوم پٽ بيمار ٿيو جنھن جي علاج لاءِ وٽن پيسا نه ھئا. جنهن سبب هنن اهڙو انتهائي قدم کنيو.