پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيويارڪ ۾ ناليوارن سيڙپڪارن، بئنڪنگ ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز سان ملاقات

نيويارڪ – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ ناليوارن سيڙپڪارن، بئنڪنگ ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز سان ملاقات ڪئي ۽ خصوصي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪيل ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت جهڙن شعبن ۾ ٿيندڙ سڌارن تي ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب …

نيويارڪ – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ ناليوارن سيڙپڪارن، بئنڪنگ ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز سان ملاقات ڪئي ۽ خصوصي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪيل ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت جهڙن شعبن ۾ ٿيندڙ سڌارن تي ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن تي روشني وڌي جن ۾ 14 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ عالمي ادارن پاران ملڪي ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري شامل آهي. هن خصوصي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪيل ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت جهڙن شعبن ۾ ٿيندڙ سڌارن تي ڌيان ڇڪرايو. نائب وزيراعظم فنانس، بئنڪنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبن جي معاشي ترقي ۾ ڪردار تي زور ڏيندي پاڪستان ۾ فن ٽيڪ انفراسٽرڪچر، پائيدار فنانس، اثاثن جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن جاري سڌارن، تيز رفتار ڊيجيٽلائيزيشن ۽ عالمي معيار موجب اي ايم ايل، سي ايف ٽي جي لاڳو کي به اجاگر ڪيو جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌائي رهيو آهي. ان موقعي تي مورگن اسٽينلي، بئنڪ آف آمريڪا (بي اين پي) پيريبا، جي پي مورگن ۽ گولڊن مين سي چس جهڙن ناليوارن ادارن سان واڳيل شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سيڙپڪاري جي منظرنامي تي کلي ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن پنهنجا قيمتي مشورا پيش ڪيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ مددگار نجي شعبي جي سربراهي ۾ قدمن کي فروغ ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن کي به ساراهيو.