لاڙڪاڻو-23 جولاءِ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد جنيد غفار جي مان ۾ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي صدر محمد اسماعيل ابڙو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس محمد جنيد غفار چيو ته آئون سال …
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد جنيد غفار جي مان ۾ آجياڻو
لاڙڪاڻو-23 جولاءِ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد جنيد غفار جي مان ۾ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي صدر محمد اسماعيل ابڙو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس محمد جنيد غفار چيو ته آئون سال 2015، 2018 ۽ 2021 دوران لاڙڪاڻي شهر ۾ جج طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهيان، جڏهن ته مان لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي سينيئر سول ۽ ڪرمنل سائيڊ جي وڪيلن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. هن چيو ته ڪتابن لاءِ اوهان مون کي فهرست ڏيو ته جيئن اهي اوهان کي وقت سر مهيا ڪري سگهجن، اي لائبريري لاءِ به ڪم جاري آهي، ۽ هڪ پورٽل ٺاهڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جيستائين اسان پنهنجي ڊسٽرڪٽ بارز کي ڪتابن ۽ انفراسٽرڪچر جي مڪمل فراهمي نه ڏينداسين، تيستائين عدالتن جو ماحول بهتر نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن عدليه جو ماحول بهتر نه ٿيندو ته انصاف جي فراهمي به بهتر نٿي ٿي سگهي، مان ڪوشش ڪندس ته لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ۽ سنڌ جي ٻين بار ايسوسيئيشنز جون درخواستون جلد کان جلد پوريون ڪيان. ان موقعي تي تقريب ۾ لاڙڪاڻو بار جا سينئر ۽ جونيئر وڪيل وڏي انگ ۾ موجود هئا.











