گڏيل قومون - 23 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه صورتحال کي موجوده تاريخ جو بي مثال الميو قرار ڏيندي چيو آھي ته اتي ھر گھر ۾ ڏڪار ٿي ويو آھي ۽ بدترين غذائي کوٽ سبب ماڻھو مري رھيا آھن. ھن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رھيو آھي، ان جو مثال جديد تاريخ ۾ نه …
گڏيل قومن پاران غزه جي صورتحال کي موجوده تاريخ جو بي مثال الميو قرار

مزید خبریں
گڏيل قومون – 23 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه صورتحال کي موجوده تاريخ جو بي مثال الميو قرار ڏيندي چيو آھي ته اتي ھر گھر ۾ ڏڪار ٿي ويو آھي ۽ بدترين غذائي کوٽ سبب ماڻھو مري رھيا آھن. ھن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رھيو آھي، ان جو مثال جديد تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اھو ڪو ڀوائتي فلم جو سين ناھي پر حقيقت آھي جنھن کي خوفناڪ چوڻ به گھٽ آھي. ھن چيو ته اسان ھن وقت ھڪ اھڙي انساني نظام جي پڄاڻي ڏسي رھيا آھيون جيڪو اصولن تي ٻڌل ھو. ان نظام کي ڪم ڪرڻ جي موقعن کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، ھن کي امداد فراھم ڪرڻ جي گنجائش نه ڏني وئي ۽ حياتيون بچائڻ لاءِ گهربل تحفظ به فراھم ناھي.











