ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نارٿ ناظم آباد ۾ ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جي ٽئين چيپٽر جو باقاعدا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن حڪومت سنڌ پاران جامع ترقي ۽ معذور ماڻهن لاءِ پهچ وارين سهولتن جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اسان خاص ٻارن لاءِ سٺو مستقبل يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته هي ڪي ڊي ايس پي نئون …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران نارٿ ناظم آباد ۾ ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جي ٽئين چيپٽر جو افتتاح
ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نارٿ ناظم آباد ۾ ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جي ٽئين چيپٽر جو باقاعدا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن حڪومت سنڌ پاران جامع ترقي ۽ معذور ماڻهن لاءِ پهچ وارين سهولتن جي عزم کي ورجائيندي چيو ته اسان خاص ٻارن لاءِ سٺو مستقبل يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته هي ڪي ڊي ايس پي نئون مرڪز هاڻي مڪمل طور تي فعال آهي ۽ وڌيڪ خاندانن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار آهي، ان جو مقصد ڊائون سنڊروم سبب متاثر ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ شامل سماج کي هٿي ڏيڻ آهي. تقريب دوران وڏي وزير ڪي ڊي ايس پي کي ڏکڻ ايشيا جي سڀني کان وڏي ۽ جامع ادارن مان هڪ قرار ڏنو، جيڪو ڊائون سنڊروم سبب متاثر ماڻهن ۽ سندن خاندانن کي مڪمل مدد مهيا ڪري ٿو. هن چيو ڪراچيءَ ۾ 30 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊائون سنڊروم سان رهن ٿا. هي رڳو انگ ناهي پر انهن خوابن، چئلينجن ۽ صلاحيتن جي نمائندگي ڪري ٿو، جن کي ڪي ڊي ايس پي جهڙا ادارا عزت ۽ محبت سان اجاگر ڪري رهيا آهن. ڪي ڊي ايس پي جو ٽيون چيپٽر اداري جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪندو، جنهن تحت سالياني ٿراپي سيشنز جو انگ 30 ھزار کان وڌي 50 ھزار کان مٿي ٿي ويندو. هي مرڪز اهم خدمتون مهيا ڪري ٿو جن ۾ آڪيوپيشنل، اسپيچ ۽ فزيڪل ٿراپي شامل آهن. جڏهن ته ننڍن ٻارن لاءِ خاص تعليمي پروگرام ۽ وڏن ٻارن لاءِ مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ ۽ پينٽنگ جهڙن پيشوراڻي تربيت جا ڪورسز به شامل آهن. وڏي وزير انهن خاندانن جو ذڪر ڪيو جيڪي سالن کان انتظار جي فهرست ۾ هئا ۽ هاڻي هن مرڪز ۾ اُميد جي نئين ڪِرن سان داخل ٿين پيا. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسان جي ترقيءَ جو اندازو رڳو اقتصادي انگن اکرن مان نه پر ڪمزور طبقي لاءِ اسان جي جذبي ۽ همدردي مان لڳايو وڃي. هن چيو ته اهڙن مرڪزن جي سخت ضرورت آهي، خاص طور تي سينٽرل ڊسٽرڪٽ ۾ جتي اڳ ئي 80 ٻار داخلا وٺي چڪا آهن ۽ وڌيڪ 150 ٻارن جي گنجائش موجود آهي. هن ڊسمبر کان اڳ حيدرآباد ۾ ڪي ڊي ايس پي جي طرز تي نئون سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڏيندي مڪمل سرڪاري مدد جو به يقين ڏياريو. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته حيدرآباد جو مرڪز 31 ڊسمبر کان اڳ افتتاح لاءِ تيار هجي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هو ان مشن جي حمايت پنهنجي موجوده حيثيت کان سواءِ به جاري رکندو ۽ ڪي ڊي ايس پي کي ”انڪليوسو سٽي“ ۾ جاءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جتي آٽزم سان متاثر ٻارن سميت سڀني ٻارن لاءِ گڏيل سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت انفراسٽرڪچر جي فراهمي ۾ مڪمل تعاون ڪندي ۽ هن نيڪ ڪم ۾ ڊونرز جي شموليت کي به يقيني بڻايو ويندو. هن اها به ڄاڻ ڏني ته آغا خان اسپتال جي سامهون هڪ ٻئو ڊائون سنڊروم سينٽر تي ڪم جاري آهي. هن زور ڀريو ته هي ڪم رڳو سرڪاري شعبي جو نه آهي، ان ۾ خانگي شعبي جي شموليت به ضروري آهي. ھن چيو ته وسيلن جي گهٽتائي ناهي رڳو جذبي سان ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي. هن ڪي ڊي ايس پي جي عزم ۽ ٽيم جي شاندار ڪم جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڊائون سنڊروم سان متاثر ٻار بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ آهن، جن کي سڃاڻڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد مرڪز لاءِ فوري جاءِ تلاش ڪري ڪم شروع ڪيو وڃي. تقريب ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، ڊي ايس پي ڊي جي ڊائريڪٽر علي الله والا، سي اي او تابش شهزاد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ والدين، ٿراپسٽ، ڪميونٽي اڳواڻن ۽ رضاڪارن شرڪت ڪئي، جن ڪراچي ۾ جامع خدمتن جي فراهمي جي هن اهم قدم کي ڀليڪار ڪيو.












