ڪربلا جو پيغام هر دور ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندو رهندو: صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي

ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) اوقاف کاتي واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيوآهي ته ڪربلا جو پيغام صرف هڪ تاريخي واقعو نه آهي پر حق، قرباني ۽ ظالم آڏو ثابت قدم رهڻ جو هڪ دائمي سبق آهي، جيڪو هر دور ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندو رهندو. اهڙو اظهار هن اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي آڊيٽوريم ۾ ڪربلا جي شهيدن (محرم …

ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) اوقاف کاتي واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيوآهي ته ڪربلا جو پيغام صرف هڪ تاريخي واقعو نه آهي پر حق، قرباني ۽ ظالم آڏو ثابت قدم رهڻ جو هڪ دائمي سبق آهي، جيڪو هر دور ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندو رهندو. اهڙو اظهار هن اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي آڊيٽوريم ۾ ڪربلا جي شهيدن (محرم الحرام جي احترام) جي ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ۽ انهن جي مخلص ساٿين پاران ڪربلا جي زمين تي ظلم، ڏاڍ ۽ طاقت جي انڌي نظام جي سامهون ڏيکاريل ثابت قدمي، قرباني ۽ صبر پوري دنيا جي مظلومن لاءِ روشني جو ڏيک آهي.ڪربلا جي شهيدن اسان کي سيکاريو آهي ته سر ڪَٽجي سگهجي ٿو، پر باطل اڳيان جهڪائي نٿو سگهجي. اڄ جي ڏکئي وقت ۾ ڪربلا جو پيغام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته حق لاءِ بيهڻ اسلام ۽ انسانيت جو سچو عروج آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت، خاص طور تي اوقاف کاتو نوجوان نسل تائين هي پيغام پهچائڻ لاءِ اهڙيون روحاني تقريبون منعقد ڪندو رهندو ته جيئن نئون نسل هميشه اعليٰ امام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي قربانين جي مقصد کي ياد رکي. ڪانفرنس ۾ مشهور مذهبي اسڪالر علامه مفتي عبدالله نجيب، علامه رياض جوهري ۽ ٻين ناميارن اسڪالرن به شرڪت ڪئي، جتي انهن پنهنجي متاثر ڪندڙ تقريرن ۾ ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي ۽ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ انهن جي وفادار ساٿين جي قرباني کي خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڪانفرنس سنڌ حڪومت جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن ڪربلا جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اجتماعي دعا گهري. ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف سيد محمد مريد راهمون ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ڪاشف صديقي پڻ موجود هئا.