ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستاني شھرين لاءِ گڏيل عرب امارتن پاران 5 سالن واري ويزا پاليسي جاري ڪرڻ تي گڏيل عرب امارتن جي سفير حماد عبيدالزھبي جا ٿورا مڃيا آھن. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏھاڪن تي ٻڌل آھن ۽ وقت سان گڏوگڏ اھو رشتو مضبوط ٿيندو پيو …
سنڌ جي گورنر سان گڏيل عرب امارتن جي سفير جي ملاقات
ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستاني شھرين لاءِ گڏيل عرب امارتن پاران 5 سالن واري ويزا پاليسي جاري ڪرڻ تي گڏيل عرب امارتن جي سفير حماد عبيدالزھبي جا ٿورا مڃيا آھن. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏھاڪن تي ٻڌل آھن ۽ وقت سان گڏوگڏ اھو رشتو مضبوط ٿيندو پيو وڃي. اھا ڳالھ ھن گورنر ھائوس ڪراچي ۾ يو اي اِي جي سفير سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ يو اي اِي جو قونصل جنرل بخيط عتيق الروميٿي موجود ھو. ان موقعي تي ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي. گورنر چيو ته پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، گڏيل عرب امارتن سان واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ زور وٺائڻ چاھي ٿو. امارتن جي سفير حماد عبيد الزھبي گورنر ۽ سندس ڪٽنب کي حج جو فرض ادا ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته 5 سالن جي ويزا پاليسي جاري ڪرڻ ۾ گورنر جو اھم ڪردار آھي. ھن ان ڳالھ تي زور ڀريو ته گڏيل عرب امارتون پاڪستان کي علائقي ۾ ھڪ معاشي ۽ دفاعي طاقت طور ڏسڻ جو خواھشمند آھن. قونصل جنرل بخيط عتيق الروميٿي به گورنر جي سھڪار جي واکاڻ ڪندي چيو ته گذريل 2 ڏينھن کان پاڪستانين جو وڏو تعداد امارتن جو رخ ڪري رھيو آھي، جن کي ھر ممڪن سھولت ۽ سھڪار فراھم ڪيو پيو وڃي.











