تھران - 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته يورينيم جي رچاءَ تان هٿ نه کڻنداسين. ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي پرڏيھي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ايران پنھنجي يورينيم رچاءَ جي پروگرام تان هٿ نه کڻندو. ھن چيو ته اسان جي ايٽمي ٺڪاڻن کي سنگين نقصان پھتو آھي جنھن سبب پروگرام في الحال روڪيو ويو آھي، پر اھو واضح آھي ته اسان يورينيم جو رچاءُ …
يورينيم رچاءَ تان هٿ نه کڻنداسين: ايران

مزید خبریں
تھران – 22 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته يورينيم جي رچاءَ تان هٿ نه کڻنداسين. ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي پرڏيھي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ايران پنھنجي يورينيم رچاءَ جي پروگرام تان هٿ نه کڻندو. ھن چيو ته اسان جي ايٽمي ٺڪاڻن کي سنگين نقصان پھتو آھي جنھن سبب پروگرام في الحال روڪيو ويو آھي، پر اھو واضح آھي ته اسان يورينيم جو رچاءُ نه ڇڏينداسين ڇو ته اھا اسان جي سائنسدانن جي وڏي ڪاميابي آھي ۽ ھاڻي اھو قومي وقار جو معاملو به آھي. ھن ٻڌايو ته انھن حملن بعد نيوڪليئر ادارو نقصان جو تفصيلي جائزو وٺي رھيو آھي ۽ ھيستائين معلوم ٿيو آھي ته ٺڪاڻن کي شديد نقصان پھتو آھي. يورينيم جي بچت بابت سوال جي جواب ۾ عراقچي چيو ته مان وٽ ان بابت تفصيلي معلومات ناھي، پر اسان جا ادارا ان جي مڪمل جاچ ڪري رھيا آھن ته اسان جي مواد کي ڪھڙو نقصان پھتو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران آمريڪا سان ڳالھين لاءِ تيار آھي، جڏھن ته ھن وقت سڌي ريت ڳالھيون نه پيون ٿين.











