ڍاڪا -22 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول ۽ ڪاليج جي عمارت مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 27 ٿي ويو آهي، جن ۾ 25 ٻار شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق عارضي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر جي صحت ۽ خانداني ڀلائي واري خاص مددگار محمد سيد الرحمان گذريل ڏينهن پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته باقي 2 فوت ٿيلن ۾ جهاز جا پائليٽ ۽ …
بنگلاديش فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول جي عمارت مٿان ڪرڻ سبب فوتين جو انگ27 ٿي ويو

مزید خبریں
ڍاڪا -22 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول ۽ ڪاليج جي عمارت مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن جو تعداد وڌي 27 ٿي ويو آهي، جن ۾ 25 ٻار شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق عارضي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر جي صحت ۽ خانداني ڀلائي واري خاص مددگار محمد سيد الرحمان گذريل ڏينهن پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته باقي 2 فوت ٿيلن ۾ جهاز جا پائليٽ ۽ هڪ عورت استاد شامل آهي. هن ٻڌايو ته حادثي ۾ 78 زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جن مان پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. حڪومت ان افسوسناڪ واقعي تي اڱاري تي هڪ ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو هو. اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سمورين سرڪاري، نيم سرڪاري، خودمختيار ادارن ۽ تعليمي ادارن ۽ خانگي تنظيمن کان علاوه پرڏيهه ۾ بنگلاديش جي مشنز ۾ به قومي جهنڊو جهڪيل رهيو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز جي ڊائريڪٽوريٽ موجب بنگلاديش فضائيه جو هڪ جهاز، جيڪو معمول جي تربيتي اڏام تي هو، سومر ڏينهن منجهند جو ڪرميٽولا، ڍاڪا ۾ اي ڪي خندڪر ايئر بيس تان اڏاميو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ اسڪول جي ٻه ماڙ عمارت سان ٽڪرائجي ويو.











