ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي لائيو اسٽاڪ واري وزير سردار زاده مير فيصل جمالي سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي صوبن ۾ لائيو اسٽاڪ جي واڌاري لاءِ تعاون وڌائڻ ۽ چوپائي مال جي بهتر نسلن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ جو فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ وارو وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بلوچستان جي لائيو اسٽاڪ واري وزير سردار زاده مير فيصل جمالي جي ملاقات
ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي لائيو اسٽاڪ واري وزير سردار زاده مير فيصل جمالي سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي صوبن ۾ لائيو اسٽاڪ جي واڌاري لاءِ تعاون وڌائڻ ۽ چوپائي مال جي بهتر نسلن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ جو فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ وارو وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ موجود هو. ان شراڪتداري تحت جيڪب آباد ۾ چوپائي مال جي نمائش ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه پاڻ شرڪت ڪندو ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي به دعوت ڏيندو. وڏي وزير ٻنهي صوبن جي لائيو اسٽاڪ کاتن ۾ گڏيل تحقيقي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سنڌ جي ٿري گابي، ريڊ سنڌي، ڪُنڊي مينھن، ڪوهستاني اُٺ ۽ مختلف نسلن جون ٻڪريون نمايان ڪيون جڏهن ته بلوچستان جي مشهور نسلن جهڙوڪ رکلي گابي، ڀاگني ڳئون ۽ ڪوچي اُٺن کي پڻ متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي صوبن جا مالوند ۽ واپاري فائدو کڻي ٿي سگهن.











