اسرائيل ۽ شام ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي: آمريڪا

واشنگٽن – 19 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي شام ۾ خاص ايلچي ٿامس بريڪ چيو آهي ته اسرائيل ۽ شام وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن صبح ايڪس تي جاري بيان ۾ ٿامس بريڪ شام جي سمورن هٿياربند ڌرين تي زور ڏنو ته هو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ هڪ متحد پرامن شام جي تعمير ۾ حصو وٺن. هن خاص طور تي دروز …

واشنگٽن – 19 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي شام ۾ خاص ايلچي ٿامس بريڪ چيو آهي ته اسرائيل ۽ شام وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن صبح ايڪس تي جاري بيان ۾ ٿامس بريڪ شام جي سمورن هٿياربند ڌرين تي زور ڏنو ته هو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ هڪ متحد پرامن شام جي تعمير ۾ حصو وٺن. هن خاص طور تي دروز ۽ بدو قبيلن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان دروز ۽ بدو برادرين کي به هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. هن جو چوڻ هو ته اهو معاهدو ترڪيه، اردن ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي حمايت سان ممڪن ٿيو آهي.