برسلز – 19 جولاءِ (اي پي پي) يورپي يونين روس جي 22 مالياتي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، انهن ۾ ٽي بئنڪ، سرگوت نيفٽي گيس بئنڪ، بئنڪ سينٽ پيٽرزبرگ ۽ يانڊيڪس بئنڪ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا يورپي يونين جي آفيشل جرنل جي حوالي سان ٻڌايو ته يورپي مالياتي ادارن ۽ انهن متاثر بئنڪن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي مٽا سٽا تي پابندي لڳائي وئي آهي. اهي نيون پابنديون انهن …
يورپي يونين طرفان روس جي 22 مالياتي ادارن تي پابنديون لاڳو

مزید خبریں
برسلز – 19 جولاءِ (اي پي پي) يورپي يونين روس جي 22 مالياتي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، انهن ۾ ٽي بئنڪ، سرگوت نيفٽي گيس بئنڪ، بئنڪ سينٽ پيٽرزبرگ ۽ يانڊيڪس بئنڪ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا يورپي يونين جي آفيشل جرنل جي حوالي سان ٻڌايو ته يورپي مالياتي ادارن ۽ انهن متاثر بئنڪن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي مٽا سٽا تي پابندي لڳائي وئي آهي. اهي نيون پابنديون انهن 23 بئنڪن تي به لاڳو ٿين ٿيون جن کي ان کان اڳ سوئفٽ نظام مان خارج ڪيو ويو آهي. ٻين شقن مان هڪ شق مطابق بئنڪاري ۽ مالياتي شعبي ۾ مخصوص استعمال لاءِ سافٽ ويئر جي وڪري، فراهمي، منتقلي، روانگي واپار يا دستيابي تي به پابندي لاڳو آهي.











