حيدرآباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اندر موسمي تبديلين جي اثرن کي نظر ۾ رکندي زراعت جي بهتري ۽ پاڻي جي مؤثر استعمال لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) وچ ۾ هلندڙ منصوبن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ان قسم جون ڳالھيون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ قائم ايف اي او جي صوبائي آفيس …
زراعت جي بهتري ۽ پاڻي جي مؤثر استعمال لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) وچ ۾ هلندڙ منصوبن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ تي اتفاق
حيدرآباد-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اندر موسمي تبديلين جي اثرن کي نظر ۾ رکندي زراعت جي بهتري ۽ پاڻي جي مؤثر استعمال لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) وچ ۾ هلندڙ منصوبن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ان قسم جون ڳالھيون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ قائم ايف اي او جي صوبائي آفيس ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس دوران ڪيون ويون. اجلاس جي صدارت زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، اجلاس ۾ ايف اي او جي پاڪستان ۾ نمائنده فلورنس رولي، سنڌ آفيس جي سربراهه ڊاڪٽر جوليس موچيمي، گرين ڪلائميٽ فنڊ سان لاڳاپيل منصوبي جي پروجيڪٽ مئنيجر ايميلڊا بريجينا، پروگرام انچارج آمنه باجوا ۽ ٻين ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ايف اي او گڏجي عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ بدين جهڙن موسم کان متاثر ضلعن ۾ مختلف منصوبن جو جائزو وٺڻ ھو ۽ موسمن سان ٺهڪندڙ زراعت کي هٿي ڏيڻ ھو، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته زرعي يونيورسٽي طرفان پاڻي جي بچت، گهٽ وقت ۾ تيار ٿيندڙ فصل، گڏيل پوک (انٽرڪراپنگ)، ٻج جي تياري، مارڪيٽنگ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي آبادگارن سان گڏجي ميدان ۾ تجربا ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته يونيورسٽي ۾ لڳايل فلڪس ٽاور ذريعي موسمي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، جيڪا مستقبل جي زراعت ۽ موسمي اڳڪٿين لاءِ مددگار ثابت ٿي رھي آھي، جڏھن تہ يونيورسٽي جي ٽيم پاران آبادگارن جي واڌاري لاءِ شعور اجاگر ڪندڙ پروگرام به ڪاميابي سان هلايا ويا آهن، جڏهن ته ايف اي او سان گڏ ڪم ڪندڙ گريجوئيٽ نوجوان خوراڪ جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ سرگرم آهن، ايف اي او جي نمائنده فلورنس رولي ٻڌايو ته گرين ڪلائميٽ فنڊ (جي سي ايف) جي سهڪار سان سنڌ ۾ خودڪار موسمياتي اسٽيشنون (اي ڊبليو ايس) لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان زراعت ۽ پاڻي بابت پاليسين ۾ سڌارو ايندو، ڊاڪٽر جوليس موچيمي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ سانگهڙ، بدين ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 9 اسٽيشنون لڳايون پيون وڃن، جيڪي گرمي پد، گهم، هوا جي رفتار، مينهن، زمين جي گرمي ۽ برقي موصليت جا انگ اکر گڏ ڪنديون، ايميلڊا بريجينا ٻڌايو ته ايف اي او، زرعي يونيورسٽي، زرعي تحقيق، توسيع، آبپاشي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان هڪ گڏيل پليٽفارم تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سائنس، ٽيڪنيڪي ڄاڻ ۽ آبادگارن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪري، موسمي مزاحمت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ھن اجلاس جي آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ادارن جي ٻه طرفي رابطن، دورن ۽ گڏيل منصوبا بنديءَ سان سنڌ ۾ زراعت، تحقيق، ۽ موسمي تبديليءَ سان هڪجهڙائي رکندڙ زرعي طريقيڪار کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.











