سنڌ جي گورنر پاران ڪوئيٽا بس حادثي ۾ شھيد ٿيل ناليواري قوال احمد جي گھر وڃي سندس ڪٽنب سان تعزيت

ڪراچي-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪوئيٽا بس حادثي ۾ شھيد ٿيل ناليواري قوال احمد جي گھر وڃي سندس ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر شھيد قوال جي ڪٽنب سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر ڳالھائيندي چيو تھ ھي اھڙو سانحو آھي جنھن جي جيتري بھ مذمت ڪجي اها گھٽ آھي. اسان ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر …

ڪراچي-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪوئيٽا بس حادثي ۾ شھيد ٿيل ناليواري قوال احمد جي گھر وڃي سندس ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر شھيد قوال جي ڪٽنب سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر ڳالھائيندي چيو تھ ھي اھڙو سانحو آھي جنھن جي جيتري بھ مذمت ڪجي اها گھٽ آھي. اسان ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون، اھي اسان جا پنھنجا آھن. گورنر ڪامران خان ٽيسوري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ جتي 3 جنازا اچن پيا، اتي بجلي بند آھي، ڪي اليڪٽرڪ ھوش کان ڪم وٺي. ھن وڌيڪ چيو تھ جيڪي ڌريون ملڪ دشمن ڪارروائين ۾ ملوث آھن، اھي فتنھ ھندوستان جا ساٿاري آھن. اسان پنھنجي قوال ڀائرن جي رت جو حساب وٺنداسين. گورنر چيو تھ سيڪيورٽي ادارا انھن بزدلاڻن حملن جو اثرائتو ۽ منھن ٽوڙ جواب ڏيئي رھيا آھن.