صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صحت بهتر آهي: وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جي وضاحت

واشنگٽن-18 جولاءِ (اي پي پي) وائيٽ هائوس صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هٿ تي رهڙ ۽ سڄيل ڄنگهن جي تصوير مان سندس صحت بابت جنم وٺندڙ افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته صدر جي صحت بهتر آهي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر جي ڄنگهن جي رڳن ۾ بس رت جي وهڪري ۾ مسئلي جي سڃاڻپ ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين …

واشنگٽن-18 جولاءِ (اي پي پي) وائيٽ هائوس صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هٿ تي رهڙ ۽ سڄيل ڄنگهن جي تصوير مان سندس صحت بابت جنم وٺندڙ افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته صدر جي صحت بهتر آهي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر جي ڄنگهن جي رڳن ۾ بس رت جي وهڪري ۾ مسئلي جي سڃاڻپ ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ ٻڌايو ته آمريڪي صدر جي ڄنگهن جي رڳن ۾ رڳو رت جي وهڪري جي مسئلي جي سڃاڻپ ٿي آهي جيڪا هڪ عام بيماري آهي. وائيٽ هائوس جي پريس بريفنگ دوران پريس سيڪريٽري صحافين کي ٻڌايو ته هاڻوڪن هفتن دوران صدر ٽرمپ جي ڄنگهن جي هيٺين حصي ۾ ٿورڙي سوڄ ڏٺي وئي آهي، هن چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ مان صدر ۾ ڪرونگ وينس انسفيشني (سي وي آءِ) يعني رڳن ۾ دائمي کوٽ جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪا 70 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ هڪ عام ڳالهه آهي. صدر ٽرمپ جي عمر هن وقت 79 سال آهي. ڪرونڪ وينس جي کوٽ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن ڄنگهن جون رڳون سڄي رت کي دل تائين واپس موڪلڻ ۾ ناڪام رهنديون آهن. حسب معمول رڳن جا والوز ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا آهن ته رت دل طرف وهندو رهي پر جڏهن هي والوز سٺي طرح ڪم ناهن ڪندا ته رت جو وهڪرو متاثر ٿيندو آهي. وائيٽ هائوس ان ڳالهه جو انڪشاف اهڙين تصويرن تي قياس آرائين تي ڪيو آهي جن ۾ ٽرمپ جي هڪ هٿ تي ڪجهه معمولي ڌڪ ۽ سندس ڄنگهن تي سوڄ نظر اچي رهي آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان دعويٰ ڪئي ته هٿ تي زخم جا نشان ڪيترن ئي ماڻهن سان هٿ ملائڻ ۽ ايسپرين وٺڻ سبب به پوندا آهن. صدر ٽرمپ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جي خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايسپرين وٺندو آهي. ترجمان چيو ته ليبارٽري ٽيسٽنگ ۾ ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت ناهي مليو ته صدر ٽرمپ کي ”ڊيپ وين ٿرومبوسس“ يا ”شريان جي بيماري“ آهي. وائيٽ هائوس طرفان صدارتي ڊاڪٽر شان باربيلا طرفان شايع ٿيل هڪ خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جي صحت بهتر آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن آمريڪا جا هن وقت تائين بزرگ ترين صدر آهن ۽ انهي لاءِ کين صحت بابت ڪيترين ئي قياس آرائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. وائيٽ هائوس کي ٽرمپ جي صحت جي باري ۾ قياس آرائين وچ ۾ ان طرح جو بيان جاري ڪرڻو پيو آهي، جڏهن پاڻ ٽرمپ اڳوڻي صدر جوبائيڊن تي ان حوالي سان حملو ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي ته جوبائيڊن پنهنجي پروسٽيٽ ڪينسر جي سڃاڻپ کي لڪائي رکيو هو، جوبائيڊن جنوري 2021ع کان جنوري 2025ع تائين صدر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون ۽ هن مئي ۾ اعلان ڪيو ته کيس پروسٽيٽ ڪينسر آهي، جيتوڻيڪ جوبائيڊن جي آفيس ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته 82 سالن جي بائيڊن پنهنجي صدارتي دور جي دوران ڪينسر جي سڃاڻپ کي ڳجهو رکيو هو. 2020ع ۾ صدارت جي پهرين مدي دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪووڊ -19 جي به سڃاڻپ ٿي هئي، جنهن جي علاج لاءِ کيس واشنگٽن ڊي سي جي والٽر ريڊ ملٽري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي کيس ڪافي وقت گذارڻو پيو هو.