گڏيل قومون – 18 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن قبرص ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابات آگاهه ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه تعميري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش قبرص جي حل ۽ ٻيٽ جي يوناني ۽ ترڪيه جي برادرين جي اڳواڻن وچ ۾ ڪيترن ئي قدمن تي ٿيل معاهدن تي ڳالهه ٻولهه دوران اڳڀرائي جا اطلاع آهن. گذريل ڏينهن …
قبرص ڳالهين ۾ اڳڀرائي، ڳالهيون تعميري رهيون: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري

مزید خبریں
گڏيل قومون – 18 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن قبرص ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابات آگاهه ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه تعميري رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش قبرص جي حل ۽ ٻيٽ جي يوناني ۽ ترڪيه جي برادرين جي اڳواڻن وچ ۾ ڪيترن ئي قدمن تي ٿيل معاهدن تي ڳالهه ٻولهه دوران اڳڀرائي جا اطلاع آهن. گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ قبرص بابت چوٿين توسيعي گڏجاڻي کانپوءِ هن چيو ته اڄ جي ڳالهه ٻولهه تعميري هئي ۽ ٻنهي اڳواڻن مارچ ۾ اعتماد سازي لاءِ ڇهن قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن چيو ته اعتماد سازي جي ڇهن قدمن مان 4 اڳ ۾ ئي لاڳو ٿي چڪا آهن جن ۾ نوجوانن بابت هڪ فني ڪميٽي قائم ڪرڻ، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان قدمن، قبرستانن جي بحالي ۽ ڊيمائننگ تي هڪ معاهدو شامل آهي. گڏيل قومن جي سربراهه ورهايل ٻيٽ تي 4 ڪراسنگ پوائنٽس ۽ بفرزون ۾ شمسي توانائي جي افتتاح جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته باقي ٻن تي ڳالهيون جاري رهنديون. هن چيو ته جاري قدمن جي باري ۾ هڪ گڏيل مفاهمت تائين پهتا آهيون جنهن ۾ سول سوسائٽي جي شموليت لاءِ هڪ مشاورتي ادارو، ثقافتي نمونن جي مٽاسٽا، هوا جي معيار جي نگراني کي بهتر بڻائڻ ۽ مائيڪرو پلاسٽڪ گدلاڻ کي منهن ڏيڻ شامل آهي. هن زور ڀريندي چيو ته انهن قدمن کي قبرص جي فائدي لاءِ جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اڳتي هڪ ڊگهو رستو آهي ۽ اهو سوچڻ ضروري آهي ته قبرص لاءِ مستقبل جو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته اهي قدم واضح طور تي اڳتي وڌڻ جي رستي تي ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سمورن قبرص واسين کي فائدو پهچائڻ وارن قدمن تي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪن ٿا. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته هو سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس دوران ٻنهي اڳواڻن سان ٻيهر ملاقات ڪندو. انهي فارميٽ ۾ هڪ ٻي غير رسمي ملاقات هن سال جي آخر ۾ منعقد ڪئي وئي آهي.











