ليوبليانا - 18 جولاءِ (اي پي پي) سلووينيا اسرائيل جي ٻن انتهاپسند وزيرن جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، انهن ۾ گهرو وزير ايتمار بين گوير ۽ ناڻي وارو وزير بذاليل سموٽريچ شامل آهن جن کي سلووينيا اڻوڻندڙ اسرائيلي حڪومتي عهديدار قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان يورپي ملڪ پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته ٻئي اسرائيلي وزير ماڻهن کي انتهاپسنداڻي تشدد تي اڀاريندا ۽ فلسطينين …
سلووينيا پاران اسرائيل جي ٻن انتهاپسند وزيرن جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي

مزید خبریں
ليوبليانا – 18 جولاءِ (اي پي پي) سلووينيا اسرائيل جي ٻن انتهاپسند وزيرن جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، انهن ۾ گهرو وزير ايتمار بين گوير ۽ ناڻي وارو وزير بذاليل سموٽريچ شامل آهن جن کي سلووينيا اڻوڻندڙ اسرائيلي حڪومتي عهديدار قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان يورپي ملڪ پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته ٻئي اسرائيلي وزير ماڻهن کي انتهاپسنداڻي تشدد تي اڀاريندا ۽ فلسطينين جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان گڏو گڏ سندن نسل ڪشي ۾ ملوث آهن. جون ۾ آسٽريليا، ڪئناڊا، برطانيا، نيوزيلينڊ ۽ ناروي به انهن ٻنهي وزيرن تي اهي ئي پابنديون لاڳو ڪيون هيون. اهي ٻئي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جا انتهائي ويجها اتحادي آهن. ٻنهي وزيرن کي سندن انتهاپسنداڻن بيانن ۽ قدمن سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.











