لنڊن - 18 جولاءِ (اي پي پي) برطانيا چيو آھي ته ھو اڄ به يوڪرين جي مڪمل حمايت تي متفق آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق برطانيا جي دفاع واري وزير جون ھيلي چيو آھي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ کي ساڍا ٽي سال گذري چڪا آھن ۽ برطانوي پارليامينٽ اڄ به يوڪرين جي مڪمل حمايت تي متفق آھي، جنھن تي ھو فخر ڪري ٿو. ھن پارليامينٽ کي خطاب …
يوڪرين جي اڄ به مڪمل حمايت تي متفق آھيون: برطانيا

مزید خبریں
لنڊن – 18 جولاءِ (اي پي پي) برطانيا چيو آھي ته ھو اڄ به يوڪرين جي مڪمل حمايت تي متفق آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق برطانيا جي دفاع واري وزير جون ھيلي چيو آھي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ کي ساڍا ٽي سال گذري چڪا آھن ۽ برطانوي پارليامينٽ اڄ به يوڪرين جي مڪمل حمايت تي متفق آھي، جنھن تي ھو فخر ڪري ٿو. ھن پارليامينٽ کي خطاب ۾ چيو ته ھي روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي مڪمل جارحيت کي 1239 ڏينھن ٿيا آهن. جون ھيلي ٻڌايو ته گذريل مھيني روس جي فوجين جي فوتگين ۽ زخمين جو مجموعي انگ 10 لک کان وڌي ويو آھي، جڏھن ته رڳو ھلندڙ سال روس کي 2 لک 40 ھزار جو جاني نقصان ٿيو آھي. سندس مطابق ان ڳري نقصان باوجود روس جي جارحاڻي حڪمت عملي ۾ گھٽجڻ جا ڪي آثار نظر نه پيا آھن، پر روس يوڪرين تي ھڪ طرفو ڊرون حملن جي شدت ۾ اضافو ڪري رھيو آھي.











