ڪراچي – 17 جولاءِ– (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي صرف هڪ يونيورسٽي ناهي، پر اها اسان جي قومي فخر جي علامت آهي، جيڪا قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين نامور شخصيتن جي مادر علمي پڻ آهي. خان بهادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل هن 140 سال پراڻي تاريخي ورثي اسان کي دانائي، جرئت ۽ عوامي جذبو …
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جو ڇهون ڪانووڪيشن، 376 گريجوئيٽ ڊگريون ماڻيُون، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي اسان جي قومي فخر جي علامت آهي: سنڌ جو وڏي وزير
ڪراچي – 17 جولاءِ– (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي صرف هڪ يونيورسٽي ناهي، پر اها اسان جي قومي فخر جي علامت آهي، جيڪا قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين نامور شخصيتن جي مادر علمي پڻ آهي. خان بهادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل هن 140 سال پراڻي تاريخي ورثي اسان کي دانائي، جرئت ۽ عوامي جذبو ڏنو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اهڙو اظهار خميس ڏينهن هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڇهين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڇهين ڪانووڪيشن ۾ 376 گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. بي ايس، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي جي اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 27 گريجوئيٽس مان 3 سون ، 10 چاندي ۽ 14 ڪانسيءَ جا تمغا حاصل ڪيا.
اچو ته سڀ گڏجي هڪ ترقي پسند، جامع ۽ علم سان هلندڙ سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون

ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي گريجوئيٽس لاءِ هڪ بهترين ڏينهن آهي، جن پنهنجو رت ست ڏيئي، محنت ڪري اعليٰ تعليم مڪمل ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته، اسان کي ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اڳواڻي ۾ هن يونيورسٽي جي قابل ذڪر ترقي کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اها حقيقت آهي ته هيءَ يونيورسٽي پاڪستان جي چند معياري يونيورسٽين مان هڪ آهي. ان سان گڏ، اها انهن چند يونيورسٽين مان هڪ بڻجي وئي آهي جيڪي مالي خساري مان نڪري اضافي ۾ منتقل ٿي ويون آهن. سيد مراد علي شاهه وائس چانسلر، فيڪلٽي، اسٽاف ۽ يونيورسٽيءَ جي پهرين پي ايڇ ڊي، ڊاڪٽر عبدالله ايوب خان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جيئن ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي پنهنجي پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن کي سڌارڻ ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ معيار ۽ گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيڻ وقت انهن جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ گهرجي. پي ايڇ ڊي نه رڳو اسڪالر جي قابليت کي ظاهر ڪري ٿي، پر اها ڊگري ڏيندڙ اداري جي تعليمي معيار کي به ظاهر ڪري ٿي. بنيادي طور تي، معياري پي ايڇ ڊي پروگرام هڪ معياري اداري جي سڃاڻپ هوندو آهي، ۽ اعليٰ تعليم جي سڀني سطحن تي ان جي اهميت هوندي آهي. گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کي مخاطب ٿيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته توهان جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي ۽ توهان جا خواب پاڪستان جون اميدون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي رهي اهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ملير ۾ پنهنجو نئون ڪئمپس شروع ٿيڻ جي ويجهو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت پاران مختص ڪيل 100 – ايڪڙ زمين تي واقع آهي. هن چيو ته اها ترقي نه رڳو اسان جي معياري اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي پر اها روزگار جا موقعا پيدا ڪري مقامي برادرين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته اهڙي قسم جا قدم خاص طور تي سنڌ ۽ مجموعي طور تي پاڪستان جي ترقي کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته اچو ته سڀ گڏجي هڪ ترقي پسند، جامع ۽ علم سان هلندڙ سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون جتي موقعا وڌن ويجهن ۽ ايندڙ نسل اسان جي ويزن سان اڳتي وڌي. هن سنڌ حڪومت پاران تاريخي اداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي هڪ تاريخي ادارو آهي جتي تعليم حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي

سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي هڪ تاريخي ادارو آهي جتي تعليم حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي ڇو ته هي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادر علمي آهي. هن چيو ته نوجوان اهو آئيڊيل پاڪستان بڻائيندا، جيڪو قائداعظم محمد علي جناح جو آئيڊيل هو. هن چيو ته هي يونيورسٽي پنهنجي معياري تعليم جي ڪري هڪ جدا سڃاڻپ حاصل ڪري چڪي آهي. هن چيو ته معياري تعليم سان ئي اهڙا نوجوان پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي ملڪ جي صحيح خدمت ڪري سگهن ٿا ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگرد پنهنجو اهو ئي ڪردار ادا ڪندا. هن ان موقعي تي گريجوئيشن ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني.
پهرين پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيڻ سان اسان جو خواب پورو ٿي ويو آهي

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اڄ پهرين پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيڻ سان اسان جو خواب پورو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 10 پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ جي ويجهو آهن. هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان هن اداري کي خساري مان ڪڍي بچت واري اداري ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي شاندار ڪردار سان اهو ممڪن ٿيو آهي. واضح رهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ڇهين ڪانووڪيشن ۾ سون جا تمغا حاصل ڪندڙن ۾ يُسرا (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، صدف خالد (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز) ۽ ڊاڪٽر عبدالله ايوب خان (سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو پهرين پي ايڇ ڊي) شامل هئا. چانديءَ جا تمغا حاصل ڪندڙن ۾ ماه نور فاطمه (فيڪلٽي آف ايجوڪيشن)، محمد احمد انصاري (فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي)، يسرا (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، اعزاز احمد (فيڪلٽي آف سائنسز)، ندا اڪرم (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز)، همنا لاکاني (فيڪلٽي آف لئنگويج اينڊ ڪلچر)، ورده منظور (فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي)، ايمن (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، دعا صديقي (فيڪلٽي آف سائنسز) ۽ صدف خالد (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز) شامل هئا. ساڳئي طرح، ماه نور فاطمه (بيچلر آف ايجوڪيشن)، محمد احمد انصاري (بي ايس آرٽيفيشل انٽيليجنس)، نازيه بي بي (بي ايس ڪمپيوٽر سائنس)، حنان احمد ملڪ (بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، يسرا (بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن)، اعزاز احمد (انوائرونمينٽل سائنسز)، ندا اڪرم (بي ايس ميڊيا اسٽڊيز)، همنا لاکاڻي (بي ايس انگريزي)، ورده منظور (بي ايس آرٽيفيشل انٽيليجنس)، اسنا ڪريم (بي ايس ڪمپيوٽر سائنس)، ايمن (بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن)، دعا صديقي (بي ايس انوائرمينٽل سائنسز)، امينه اڪبر (بي ايس ڊولپمينٽ اسٽڊيز) ۽ صدف خالد (بي ايس ميڊيا اسٽڊيز) ڪانسيءَ جا تغما حاصل ڪيا. ڪانووڪيشن ۾ عورت گريجوئيٽس مرد گريجوئيٽس کان وڌيڪ تمغا حاصل ڪيا. 27 گريجوئيٽس مان، 21 عورت گريجوئيٽس تمغا حاصل ۽ صرف 6 مرد گريجوئيٽس تغما حاصل ڪري سگهيا. جڏهن ته فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس جي محترمه ياسر ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي محترمه صدف خالد ٽيئي تمغا کٽيا، يعني سون، چاندي ۽ ڪانسي جا تغما حاصل ڪيا.

ٻئي طرف، پوزيشن هولڊرز کي 16 ميرٽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جن مان 10 سرٽيفيڪيٽ ڇوڪرين حاصل ڪيا ۽ صرف 6 مرد گريجوئيٽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهيا. ان موقعي تي ايس ايم آءِ يو جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق رفيع، چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايويليوايشن ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، ڪراچي ۾ ترڪي جو قونصل جنرل جمال سانگو ۽ وفاقي انشورنس محتسب سيد ممتاز علي شاهه کي شيلڊون ڏنيون، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي شيلڊ ڏني.











