ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 19 جولاءِ کي پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي طور ملهائيندا

سرينگر-17 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 19 جولاءِ ڇنڇر ڏينهن پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندا ته هو ڀارتي قبضي مان آزادي ۽ ڄمون ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميرين جي حقيقي نمائندن سرينگر جي علائقي آبي گذر ۾ سردار محمد ابراهيم …

سرينگر-17 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 19 جولاءِ ڇنڇر ڏينهن پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندا ته هو ڀارتي قبضي مان آزادي ۽ ڄمون ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميرين جي حقيقي نمائندن سرينگر جي علائقي آبي گذر ۾ سردار محمد ابراهيم خان جي رهائشگاهه تي آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس دوران ڄمون ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي قرارداد متفقه طور منظور ڪئي هئي. ان تاريخي قرارداد ۾ رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي پاڪستان سان مذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ تهذيبي ويجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي امنگن جي نظر ۾ رکندي مملڪت خداداد سان ان جي الحاق تي زور ڀريو ويو. اها قرارداد 14 ۽ 15 آگسٽ جي ورهاڱي جي منصوبي تحت پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ ٻن خودمختيار رياستن جي جوڙجڪ کان اٽڪل هڪ مهينو اڳ منظور ٿي هئي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي منصوبي تحت 500 کان وڌيڪ رياستون پاڪستان يا ڀارت مان ڪنهن هڪ سان الحق لاءِ آزاد هيون جڏهن ته ڄمون ڪشمير هڪ مسلم اڪثريتي رياست هئي جنهن جي پاڪستان سان الحاق ۾ ظاهري طور ڪا رڪاوٽ درپيش نه هئي ۽ ڪشميري نمائندن ان حوالي سان قرارداد به منظور ڪئي هئي پر ڀارت ڪشميرين جي خواهشن ۽ امنگن کي پائمال ڪندي 27 آڪٽوبر 1947ع کي سرينگر جي هوائي اڏي تي فوج موڪلي مسلم اڪثريتي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڄمائي ورتو. ڪشميري ڀارت جي ان جائز قبضي کان آزادي لاءِ گذريل اٽڪل 78 سالن کان قربانين جي هڪ لازوال تاريخ لکي رهيا آهن. ڪشميري ڀارتي ڏاڍ مان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي جدوجهد عزم ۽ همت سان جاري رکي آهي.