تل ابيب -16 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي حڪومت ۾ شامل هڪ انتهائي ساڄي ڌر جي مذهبي پارٽيءَ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن کي غزه جي جنگ کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت لاءِ خطري طور ڏٺو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق  يونائيٽيڊ توره جيوڊيزم جي ٻن ڌڙن جو چوڻ آهي ته هو حڪومت سان ان بل تي اختلاف رکن ٿا، جيڪو سندن تڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي فوج ۾ ڀرتي لاءِ ڏنل ڇوٽ جو تعين ڪندو ۽ اتان جي ماڻهن ۾ اهڙا به ڪافي انگ ۾ موجود آهن، جيڪي فوج ۾ وڃڻ بجاءِ تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ان معاملي اسرائيلي يهودين کي ڊگهي عرصي تائين ورهائي رکيو آهي جن ۾ وڌيڪ داخلا ڪرائڻ ضروري هوندو آهي اهو مسئلو غزه جنگ کان پوءِ انتهائي پيچيده ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته فوج ۾ افرادي قوت  جي طلب وڌي رهي آهي. اسرائيلي سياست جي هڪ اهڙي پارٽي جيڪا ڊگهي عرصي کان ڪنگ ميڪر رهي آهي، حڪومت کان علحدگي نيتن ياهو جي حڪومت لاءِ فوري طور تي وڏو خطرو ناهي پر  48 ڪلاڪن اندر جڏهن اها پارٽي عملي طور تي الڳ ٿيندي ته ان کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم جي حڪومت کي اهڙي سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن ۾ سندس ساڄي ڌر جي ٻن پارٽين جي خواهشن آڏو جهڪڻو پوندو.