روس سان ڪاروبار ڪيو ته پابنديون لڳايون وينديون: نيٽو سربراهه

برسلز-16 جولاءِ (اي پي پي) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ رُوٽي خبردار ڪيو آهي ته روس سان چين، ڀارت ۽ برازيل جون واپاري سرگرميون نيٽو جي سطح تي قبولڻ جوڳيون نه هونديون، انهن ملڪن روس سان واپار جاري رکيو ته انهن تي ثانوي پابنديون لڳايون وينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل مارڪ رُوٽي انتهائي سخت انداز اختيار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان چين يا ڀارت ۾ آهيو يا اوهان برازيل …

برسلز-16 جولاءِ (اي پي پي) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ رُوٽي خبردار ڪيو آهي ته روس سان چين، ڀارت ۽ برازيل جون واپاري سرگرميون نيٽو جي سطح تي قبولڻ جوڳيون نه هونديون، انهن ملڪن روس سان واپار جاري رکيو ته انهن تي ثانوي پابنديون لڳايون وينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل مارڪ رُوٽي انتهائي سخت انداز اختيار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان چين يا ڀارت ۾ آهيو يا اوهان برازيل جا صدر آهيو ته اوهان سڀني کي ان معاملي ۾ ضرور ڏسڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪري اوهان کي تمام سخت قدمن کي منهن ڏيڻو پوي. هن هڪ ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ۾ انهن ٽنهي ملڪن جي باري ۾ سخت قدمن جي پاليسي تي اتفاق ڪيو هو. هن انهن ٽنهي ملڪن جي قيادت سان اڻ سڌي ريت مخاطلب ڪندي چيو ته انهن لاءِ بهتر هوندو ته اوهان روسي صدر کي فون ڪال ڪريو ۽ چئو ته کيس امن ڳالهين لاءِ هاڻي سنجيدگي ظاهر ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ ٽنهي ملڪن کي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي ري پبلڪن سينٽر ٿام ٽيليسب آمريڪي صدر جي واکاڻ ڪئي ته هن روس کي 50 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي ۽ ٻين قدمن جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته هن ان باري ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي ته روس جو صدر ان وقت مان فائدو کڻندي يوڪرين جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ وڌيڪ جارحيت ڪري پنهنجي پوزيشن کي مستحڪم ڪري وٺندو، ان لاءِ لازمي آهي ته اسان انهن 50 ڏينهن دوران به يوڪرين کي نظرانداز نه ڪريو ۽ ان جي مدد لاءِ سرگرم رهون. ان موقعي تي مارڪ روٽي چيو ته يوڪرين جي روس خلاف جنگي پوزيشن کي امڪاني جنگ بندي ڳالهين کان اڳ مضبوط ڪرڻ لاءِ يورپي ملڪن کي ان لاءِ رقم جو بندوبست ڪرڻو پوندو.