آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران انڊونيشيا تي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن-16 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا انڊونيشيا کان امپورٽ تي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو جيڪو ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن سان هڪ نئين معاهدي تحت هوندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ انڊونيشيا سان ان معاهدي جو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي جڏهن هو مختلف واپاري حصيدارن سان ”بهتر شرط“ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي جنهن جو مقصد آمريڪا جي …

واشنگٽن-16 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا انڊونيشيا کان امپورٽ تي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو جيڪو ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن سان هڪ نئين معاهدي تحت هوندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ انڊونيشيا سان ان معاهدي جو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي جڏهن هو مختلف واپاري حصيدارن سان ”بهتر شرط“ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي جنهن جو مقصد آمريڪا جي واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ آهي. آمريڪي صدر چيو ته ڪيترن ئي ننڍن ملڪن لاءِ به ٽيرف مقرر ڪرڻ وارا خط جلد جاري ڪيا ويندا، انڊونيشيا سان اهو معاهدو انهن ڪجهه معاهدن مان هڪ آهي جيڪي ٽرمپ انتظاميه هن وقت تائين ڪيا آهن. ٽرمپ انڊونيشيا سان ٿيل معاهدي کي ويجهڙ ۾ ئي ويٽنام سان طئي ٿيل شروعاتي معاهدي جهڙو قرار ڏنو، جنهن تحت آمريڪي امپورٽ تي 10 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻ تي يعني 19 سيڪڙو فليٽ ٽيرف لاڳو هوندو جڏهن ته آمريڪا جي ايڪسپورٽ تي انڊونيشيا طرفان ڪو به ٽيڪس نه ورتو ويندو. معاهدي ۾ چين کان انڊونيشيا جي رستي ٿيندڙ مصنوعات جي ”ٽرانس شپمينٽ“ تي ڏنڊ ۽ آمريڪي مصنوعات جي خريداري جي خاطري به شامل آهي. ٽرمپ وائيٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو 19 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪندو، اسان ڪجهه نه ڏينداسين، اسان کي انڊونيشيا ۾ مڪمل پهچ حاصل هوندي ۽ اهڙي طرح جا ڪجهه ٻيا معاهدا به جلد سامهون ايندا. ان کانپوءِ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي چيو ته انڊونيشيا آمريڪا کان 15 ارب ماليت جي توانائي مصنوعات، 4.5 ارب ڊالرن جي زرعي مصنوعات ۽ 50 بوئنگ جهاز خريد ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي تنهن هوندي به ان لاءِ ڪو به وقت مقرر ناهي ڪيو ويو.