ايران جي حمايت جاري رکنداسين: چين

بيجنگ - 16 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آھي ته ھو ايران جي حمايت جاري رکندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزير وانگ يي چيو آھي ته چين پنھنجي قومي خودمختياري ۽ وقار جي تحفظ، طاقت جي سياست ۽ غنڊا گردي خلاف مذمت، سياسي ڳالھين ذريعي پنھنجي جائز حقن ۽ مفادن جو دفاع ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي مسلسل بھتر ۽ ترقي ڏيڻ لاءِ سٺي پاڙيسري …

بيجنگ – 16 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آھي ته ھو ايران جي حمايت جاري رکندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزير وانگ يي چيو آھي ته چين پنھنجي قومي خودمختياري ۽ وقار جي تحفظ، طاقت جي سياست ۽ غنڊا گردي خلاف مذمت، سياسي ڳالھين ذريعي پنھنجي جائز حقن ۽ مفادن جو دفاع ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي مسلسل بھتر ۽ ترقي ڏيڻ لاءِ سٺي پاڙيسري ۽ دوستي جي اصولن تي ڪاربند رھڻ ۾ ايران جي حمايت جاري رکندو. ھن اھا ڳالھه اتر چين جي شھر تيانجن ۾ ايران جي پرڏيھي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات دوران چئي جيڪو شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي پرڏيھي معاملن وارن وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين ۾ موجود آھي.

مزید خبریں